ناچڻي جا ناز روئن ٿا پيا،
سُر سمورا ساز روئن ٿا پيا.
تون پيو روئين لڳي ٿو دلرُبا،
موسمن جا راز روئن ٿا پيا.
مور جا مايوس ٿر جي پياس ۾،
اڻ ڳڻيا انداز روئن ٿا پيا.
سار جي ساڳي سلامت آ جھُڳي،
آءُ ڪي ايلاز روئن ٿا پيا.
هِن حُسن جي ڏاڍ ماريا ڪيترا،
دل کڻي دمساز روئن ٿا پيا.