ممتا جي ڳوڙهن مٿان نوحا
اکين مٿان ننڊ جا پوپٽ
لامارا ڏيئي رهيا هئا،
پر اڃان ڪجھ جاڳ جون بتيون،
ٽِمڪي رهيون هُيون،
ٽرين جو پٽڙي تان کنيل شور
شاعراڻي سوچ مٿان
واڪا ڪري رهيو هو،
ڪجھ لکڻ جي تمنا،
اڃان اڻپوري هئي،
اوسي پاسي ۾ ويٺل،
مسافرن جون اکيون،
ننڊ ۾ هيون،
اچانڪ خماريل سماعتن مٿان،
ڪو ماتم اچي ڪِريو هو،
درد جي ڊگھي دانهن
سُتل اکين جا ماڳ به
لوڏي ڇڏيا هئا،
سامهون سيٽ تي ويٺل،
ممتا جي گود ۾،
هڪ معصوم گل هيو،
جنهن جون موت جي ننڊ ۾،
اکيون پوريل هيون،
معصوم وجود جو،
ائين اچانڪ سفر ۾
وڇڙي وڃڻ
ماءُ پيءُ لاءِ اذيتناڪ هو،
پوري ٽرين جا مسافر،
پوري رات ننڊ سان گڏ
ڳوڙها هارڻ ۾ پورا هئا،
سفر پورو درد بڻجي چڪو هو،
۽ مان ان ممتا جي ڳوڙهن مٿان
ڪيئي نوحا لکي ورتا هئا،