برباد حسرتن جا لاشا نه تو ڏِٺا هِن،
منهنجا هي نيڻ آتا پياسا نه تو ڏٺا هِن.
مغرور مست آهي تنهنجو شهر به تو جان،
منهنجي نگر جا ماڻهو سادا نه تو ڏِٺا هِن.
اُلفت جي بيوسين کي دلبر ڏٺو توآهي،
سُڏڪن ۾ سَار جا پر پاڇا نه تو ڏِٺا هِن.
نازن مان ٻانهن لوڏي آئين گھٽين مان ٿيندو،
مجنون هزار پويان ، پهتا نه تو ڏِٺا هِن.
بدحال عشق ۾ ڪي عاشق مريض ماڻهو،
امداد زندگي کان آجا نه تو ڏِٺا هِن.