درد دل ۾ اچي هاڻ ديرو ڪيو،
پاڻ کي پاڻ آٿت ڏيان مان پيو.
سوچ ۾ هو ته آزاد آهي ڪوَي،
هُن ته ڀڙڪو هڻي آسمان کي ڇُهيو.
پنهنجي معصوم جذبن جي قتلام تي،
دل اچي دوست آڏو ته ڌرڻو هنيو.
نيڻ راهن ۾ ٻاري رکڻ جو چَئي،
چنڊَ يادن جا من تي اُڀاري ويو.
سنگدلي جا سمورا زمانا کڻي،
بي رحم وقت رهزن اسان لاءِ رهيو.
جھار کائي سڄو ٿي فصل او ابا،
ننڍڙي شاهو آ رڙندي پيءُ کي چيو.
ربط قائم رکڻ جا قسم ٿو کڻين،
ڳالهه تنهنجي به ڏسنداسين دلبر ٺهيو.