ڪو اثر ڪِين هو دل جي ،اظهار ۾،
زندگي درد ميڙي ٿڪي ، پيار ۾.
بادلن جي پُٺيان چنڊ لِڪندو رهيو،
ناچ اُڇلي ڇڏيا مور ، ماٺار ۾.
جُستجو قيد ۾ ڪئي اُڏامڻ جي تُو،
حوصلن آ وِڌو تنهنجي ، ويچار ۾.
گيت سرجڻ سان هي پيٽ پلجي نٿو،
بيوَسي اڄ ٿي ڀٽڪي ، قلمڪار ۾،
عاشقي ٿي جُهڪي سونهن تنهنجي اڳيان،
جيت تُنهنجي سدا مان سدا هار ۾”
روڊ رستن تي جنهن هو مقدر پِنيو،
گم رهان ٿو مان اڄ به انهئ ،ٻار ۾.
ناخدائي به منهنجي تو لوڙهي ڇڏي،
نفرتن جي صنم هِن تِکي ،تار ۾.