هلي اچي ٿو هوا جو سُڏڪو،
فقير تنهنجي صدا جو سُڏڪو.
اندر منجھان هي اُٿي رهيو آ،
دعا ۾ پنهنجي خطا جو سُڏڪو.
کڻي هلن ٿا ڪٿي وري اڄ،
ڪلهي تي ڪانڌي فنا جو سُڏڪو.
جفا جي ڌُن ۾ ٻُڌو نه هو تو،
صنم اسان جي وفا جو سُڏڪو.
امير تنهنجي شهر جا ماڻهو،
ٿُڏي ڇڏن ٿا گدا جو سُڏڪو.
لِکي لِکي مَن ٿڪي پيو آ،
پڙهي نٿو ڪو ڪٿا جو سُڏڪو.