عشق افسانو هُيو پر ياد هو،
خواب نيڻن ۾ اڃان آباد هو.
وڻ جي هيٺيان چار ٻارن ساڻ گڏ،
مون ڏٺو هڪ محنتي استاد هو.
دم اڪيلو موت سان جھيڙي پيو،
زهر ڀي ڄڻ زندگي جو زاد هو.
ڪير بدلي ويس ڪارا وقت جا،
اڄ به پنهنجو حال ائين برباد هو.
هوءَ ڀري وئي مُورتين ۾ ساهه ڄڻ،
هُن جي پوڄا ۾ رکيل فرهاد هو.
گهر جي چارن ۾ لهي پئي روشني،
من انڌيرن کان ٿيو آزاد هو.
مَن اچي پرچاءُ جا ڀاڪر ڀري،
نينهن سالن کان رهيو ناشاد هو.