گلابن جي خوشبو خزان وئي اُکيڙي،
روئي مسرتن جا ڪو لاشا پيو ميڙي.
تباهي جي منظر جا سئو تير دل تي،
سُمهي ٿو اُداسين جي چادر ڪو اُوڙهي،
نگاهن جي رستن ۾ دل جون ڪٿائون،
رکيا ٿم ڪي سپنا ۽ سُڏڪا سهيڙي.
غريبن سان ڪيڏا ڪيل ڪيچ واعدا،
وساري ڇڏيا نيٺ تر جي وڏيري.
کڻي رات جوڀن جواني جا جلوَا،
ٿڪل بادلن کي ڇڏيو چنڊ ٿيڙي،
اسان جي حياتي جو سنسار سُندر،
اجاڙيو آ امداد اُلفت جي جھيڙي.