تون اڃان ڪنهن خواب جو پيڇو ڪندين،
مان هلان ٿو جاڳ جي هُن ،ماڳ تي.
ڪيترو ڀڻڪي بدن ۾ عاشقي،
ڪيترو ماتم ڪجي ڏَس ،ڀاڳ تي.
دل دُکيل تو وٽ کڻي پهتو هيس،
پر نه تو ڄاتو هيو من ،آڳَ تي.
پارسائي جون حدون ٽوڙي وري،
رقص اوتيو تنهنجي آ مون، راڳ تي.
اڄ ڪويتائون کڻي آئي هوا،
گيت لکجن ٿا دلين جي، داڳ تي.
ناخدائي جا وهائي لڙڪ هو،
روز پيو سوچي دنياوي، هاڳ تي.