شاعري

پارسائي جون حدون

”پارسائي جون حدون“ نئين ٽهيءَ جي خوبصورت شاعر امداد سولنگيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. امداد سولنگيءَ جي هِن پهرين شعري مجموعي “پارسائي جون حدون” ۾ انساني صحيفن جي لتاڙ خلاف آواز سميت اکين جو رستو چيري دل ۾ گھر ڪري ويندڙ محبتي مايا جو سمنڊ موجود آهي، جنهن ۾ پيار ۽ پريت جون لهرون عشاق دلين جي قافلن کي ٿڪاوٽ جي صورت ۾ گھاٽي ڇانوري جو احساس ڏيارين ٿيون.
Title Cover of book پارسائي جون حدون

آخري من گام تائين گڏ هلو،

آخري من گام تائين گڏ هلو،
زندگي جي شام تائين گڏ هلو.

موت آهي آخري آرام گاهه،
يار هِن انجام تائين گڏ هلو.

ديپ ٻاري دوستو! هِن راهه ۾،
سُوجھرن جي سام تائين گڏ هلو.

اي مٽيءَ جي مهڪ جا مالهي! اچو،
لوڏ منهنجي لام تائين گڏ هلو.

پاڻ لهندس ڪا دوا مونسان رُڳو،
مئڪديءَ ۽ جام تائين گڏ هلو.

ڪُلفتن جي ڪوڙهه مان آجو ڪري،
مُحبتن جي بام تائين گڏ هلو.