لڙڪ لاڙي خواب چُمندي ڪيترا،
زندگي عذاب چُمندي ڪيترا.
ڪو پتو ناهي ته پنهنجي عاشقي،
درد ۽ دولاب چُمندي ڪيترا.
خواهشن جي مُند اُجھڻي نه آ،
دل اڃان محراب چُمندي ڪيترا،
دلربا منزل رسڻ جا دڳ اڃان،
هي نظر بي تاب چُمندي ڪيترا.
تشنگي تنهنجي اندر جي اي ڪوي!
سوچ جا سيلاب چُمندي ڪيترا.
هي فقيري دل لڳي جي موڙ تي،
بيوَسين جا باب چُمندي ڪيترا.