وقت ويهي ڇو وڃايون،
تاڻ جذبا وک وڌايو!
انت پهچي رات رهزن،
جُوت ڪا اهڙي جلايون،
تاڻ جذبا وک وڌايون!
منزلون محبوب پنهنجيون،
ناز مان هي نينهن نڀايون،
تاڻ جذبا وک وڌايو!
ضرب راهن جا هزارين،
درد هڪ ٻئي جا هنڊايون،
تاڻ جذبا وک وڌايون!.
مُرڪ زخمي من به گھايل،
زندگي مرهم ڏي ڪاهيون،
تاڻ جذبا وک وڌايون!.
چنڊ پُڇندو پير پنهنجا،
باک ڏيندي بن ۾ جايون،
تاڻ جذبا وک وڌايون!.