جھُرندڙ اکين ۾ ڪيڏو لڙڪن جو قافلو آ،
من ۾ مگر مون سانڍيو ساڳيو ئي حوصلو آ.
دنيا جي بي حسَي جو ڪنهن سان ذڪر ڪجي ڇا،
هر شخص پاڻ پنهنجو، محبوب ،ڀرجھلوآ.
لفظن جي دائميت ئي شاعر جي روح سمجھيو،
باقي سماج سارو اندران ته ،کوکلوآ.
چاهت جا روڳ پالي لڙڪن جا سوڳ پالي،
پنهنجي نڀاه پويان عاشق هي هيکلوآ.
جنمن جي تياڳ جھاڳي، منزل تي پهچڻو آ،
دل جي اُڪير جو هي دل سان ئي فيصلوآ.
اڄ ڀي صنم اسان جي جيون جي جھوپڙي ۾،
تنهنجو قسم ته تُنهنجي يادن جو ،سُوجھروآ.