شاعري

پارسائي جون حدون

”پارسائي جون حدون“ نئين ٽهيءَ جي خوبصورت شاعر امداد سولنگيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. امداد سولنگيءَ جي هِن پهرين شعري مجموعي “پارسائي جون حدون” ۾ انساني صحيفن جي لتاڙ خلاف آواز سميت اکين جو رستو چيري دل ۾ گھر ڪري ويندڙ محبتي مايا جو سمنڊ موجود آهي، جنهن ۾ پيار ۽ پريت جون لهرون عشاق دلين جي قافلن کي ٿڪاوٽ جي صورت ۾ گھاٽي ڇانوري جو احساس ڏيارين ٿيون.
Title Cover of book پارسائي جون حدون

ڪري ڪونج قطار،

ڪري ڪونج قطار،
ڪَهي اينديون ڪامڻيون.

ڀرت ڀريل چولڙا،
چُوڙين جي جھنڪار،
ڪَهي اينديون ڪامڻيون.

مٽ کڻي موهه جا،
چيلهه مٿان چار،
ڪَهي اينديون ڪامڻيون.

سونهن رَچنا رُڃ ۾،
پانڌي ڪِين پچار،
ڪَهي اينديون ڪامڻيون.

سارس پنهنجي سُرت سين،
نيڻن منجھ نهار،
ڪَهي اينديون ڪامڻيون.

اجھو آيون کوهه تي،
لهندي اُڃ اَپار،
ڪَهي اينديون ڪامڻيون.