سونهن ليئو گھٽي منجهه پاتو هيو،
منهنجو محبوب هو مون سُڃاتو هيو.
منهنجو منڙو هي درويش هر هر وري،
تنهنجي درشن ئي ڪارڻ ٿيو آتو هيو.
تنهنجي خوابن جو منهنجي به نيڻن سان ڪو،
چنڊ تارن ئي جھڙو ته ناتو هيو.
زندگي جي صفحي تي لکيل درد هي،
مون نه سمجھو ته ڪهڙو هي کاتو هيو.
ميڻ ٻاري مندر ۾ تو پوڄا ڪئي،
سانوري! ڪنهن لئه آخر هي ساتو هيو.
لمس تنهنجي لبن جو مليو ڪونه پئي،
عاشقيءَ ۾ رڳو بس اوراتو هيو.