شاعري

پارسائي جون حدون

”پارسائي جون حدون“ نئين ٽهيءَ جي خوبصورت شاعر امداد سولنگيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. امداد سولنگيءَ جي هِن پهرين شعري مجموعي “پارسائي جون حدون” ۾ انساني صحيفن جي لتاڙ خلاف آواز سميت اکين جو رستو چيري دل ۾ گھر ڪري ويندڙ محبتي مايا جو سمنڊ موجود آهي، جنهن ۾ پيار ۽ پريت جون لهرون عشاق دلين جي قافلن کي ٿڪاوٽ جي صورت ۾ گھاٽي ڇانوري جو احساس ڏيارين ٿيون.
Title Cover of book پارسائي جون حدون

درد کان آجو ٿيڻ جي آس تي،

درد کان آجو ٿيڻ جي آس تي،
زندگي گهاريان پيو وشواس تي.

خواب اُڻندي دل چري ڄاتو نه هو،
ننڊ نيڻن جي ٽنگيل آ ٽياس تي.

ڪيئن چٽيان منظر اکين کي آب ڏئي،
عڪس سارا بي رنگا ،ڪينواس تي.

ووٽ خاطر گھڻ گھرو ٿي وڏو،
ميڙ پيو ميڙين سندي بڪواس تي،

مر وڃي مزدور جو پورهيو کَسي،
حق ڦٻائڻ ٿو گهرين ڪنهن ،قياس تي.

آ اچي بُوسن جي بارش هاڻ ڪر،
ضبط ناهي ڪو رهيو هِن ، پياس تي.