تاثر : رُخسانه پريت
سنڌ جي نوجوان ڪوي امداد سولنگيءَ جون تخليقون پڙهندي سچ پچ، بي اختيار اهو احساس اڀريو ته اڃان پوري سماج بيحسيءَ جو ڪفن ناهي ويڙهيو، سڀئي حق ۽ سچ جو نعرو هڻندڙ ڄڀون گونگيون ناهن بڻجي ويون پر اڃان هانءُ ڏاريندڙ سماجي تضادن کي ڏسندي ڪيترائي روح لرزن ٿا ۽ ڪيترن ئي بيباڪ تخليقڪارن جون آڱريون بي ڊپيون بڻجي جنبش ۾ اچي وڃن ٿيون، امداد سولنگي جي احساسن جي اوت، رچنا جي جنهن به فارميٽ ۾ ٿي آهي، يقين سان چوان ٿي ته ان ۾ تخليقڪار جو عوام تائين نياپو پهچائڻ جي مڪمل سگھ موجود آهي، سنڌ جي اترئين علائقي ڪشمور سان تعلق رکندڙ نوجوان تخليقڪار امداد سولنگي جو هي “پارسائي جون حدون” پهريون شاعريءَ جو مجموعو آهي پر سندس فني ۽ فڪري پختگي ڏسي، مون کي پنهنجي سنڌ ڌرتيءَ جي نوجوان تخليقڪارن تي فخر محسوس ٿي رهيو آهي ۽ گڏوگڏ اکين ۾ آشائن جا نوان ديپ پڻ روشن محسوس ٿين پيا، شاعري جتي رومانيت جو نفيس، خوشگوار ۽ ڳنڍيندڙ احساس آهي، اتي ظلم ۽ استحصال جي ٻارهو اٿندڙ اوٿرن خلاف مزاحمت ۽ اعلان جنگ پڻ آهي، سماج جي مڙني تهن جو شيرين يا اگرو ادراڪ تخليقڪار ئي رکندا آهن ۽ پوءِ آئينن جيان ان ادراڪ کي اجرن ورقن تي سموري انسانذات لاءِ منعڪس ڪندا آهن، امداد سولنگيءَ جي شاعريءَ جو پهريون ڪتاب اميد ڪريان ٿي ته سنڌ واسين وٽ جوڳو مان ماڻيندو ۽ کيس لاڀائتي موٽ ڏيندو.
رُخسانه پريت