شاعري

پارسائي جون حدون

”پارسائي جون حدون“ نئين ٽهيءَ جي خوبصورت شاعر امداد سولنگيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. امداد سولنگيءَ جي هِن پهرين شعري مجموعي “پارسائي جون حدون” ۾ انساني صحيفن جي لتاڙ خلاف آواز سميت اکين جو رستو چيري دل ۾ گھر ڪري ويندڙ محبتي مايا جو سمنڊ موجود آهي، جنهن ۾ پيار ۽ پريت جون لهرون عشاق دلين جي قافلن کي ٿڪاوٽ جي صورت ۾ گھاٽي ڇانوري جو احساس ڏيارين ٿيون.
Title Cover of book پارسائي جون حدون

رمز انهيءَ ۾ خود کي ڪاهيون آءُ وَري،

رمز انهيءَ ۾ خود کي ڪاهيون آءُ وَري،
چاهت جو ڪو رشتو ٺاهيون آءُ وري.

ننڍپڻ يادون ميڙي نِم جي ڇانوُن ۾،
جھُور اکين جا ٿڪ ڪي لاهيون آءُ وري.

ماءُ سڏي ٿي پيار منجھان گھر موٽي آ،
جيجل ڀر ۾ خُلد ڪمايون آءُ وري.

مور مٺا تون وسريو ناهين مَڃ هاڻي،
دل ۾ تنهنجون اڄ ڀي جايون آءُ وري.

گل ٿو ڇاڻي ڪير هوا ۾ ٽهڪن جا،
ڪنهن جو آ محبوب ڪَنايون آءُ وري.

رسمن جي ديوارن پويان هوءَ باندي،
هر هر چَئي ٿي چاهه نڀايون آءُ وري.

جيون کلندو ملندين جيڪر محبوبا،
آس انهيءَ تي جيئرا آهيون آءُ وري.