حادثن جي لهر ۾ رهون ٿا پيا،
شور هاڻي شهر ۾ رهون ٿا پيا.
آ! ڦُري وڃ اسان کان اسان کي سڄو،
چور تنهنجي ئي تَر ۾ رهون ٿا پيا.
زندگي ٿي پُڇي روز ڦَٿڪي مون کان،
پاڻ ڪهڙي قهر ۾ رهون ٿا پيا.
موت پنهنجو ڪري جاءِ ڏي ڪا جُڙي،
هت ڪرائي جي گھر ۾ رهون ٿا پيا.
ماڪ موتين جا منظر صبح ڳوٺ ۾،
سوچ ساڳي ، پهر ۾ رهون ٿا پيا.
دربدر منزلن کان ائين بي خبر،
عشق تاڻي سفر ۾ رهون ٿا پيا.