هو جيڪو ڪاغان جو قصاگو آهي
اهڙو قصاگو جنهن جي اندر جي آڪاس ۾ هزارين قصن جا ستارا جرڪندا ٿا رهن !
اهڙو قصاگو جيڪو اڻٽيهين اونداهيءَ رات ۾ قصو کڻندو آهي ته هوائن جي زبان تي تالا لڳي ويندا آهن ۽ ٻڌندڙ پنهنجي وجود کان بي خبر بڻجي قصي جو حصو ٿي ويندا آهن، ممڪن آهي ته هن ڪڏهن به ڪا ڪهاڻي/ قصو نه لکيو هجي پر فطري شاعر، گائڪ، قصاگو ۽ آرٽسٽ اضافي Instruments جا محتاج نه هوندا آهن اُهي پنهنجي روح ۾ پنهنجو سنسار هوندا آهن . ان سان ڪو فرق نه ٿو پوي . ڪويل ڪوئي گيت نه لکندي آهي ته ڇا اُها سريلي نه آهي ؟ درياهه جي لھر ڪائي ڌُن ڪمپوز نه ڪندي آهي ته ڇا اُها رڌم کان محروم سڏبي ؟ جولئٽ جي عاشق روميو ڪوئي شعر نه لکيو ته ڇا هن جي دل شاعريءَ کان خالي هئي ؟ احساس جي آڏو سَنَدنِ ۽ لقبن جا ٺپابنهه بي معنيٰ هوندا آهن .
هو منهنجي لاءِ ڪاغان جي انهن قصاگو پوڙهن جئان حسين ۽ دلنشين قصاگو آهي جيڪي ٻاهران ايندڙ مسافرن کي ڍنڍ سيف الملوڪ جي ڪنارن وٽ ويهي پنهنجي مخصوص مٺي لھجي ۽ سيف الملوڪ ڍنڍ سان منسوب قصو ٻڌائيندا آهن ته ڪنهن سهڻيءَ عورت جي سلوڻيءَ اک جھڙي ڍنڍ برفاني جبلن مان قطرو قطرو ٿي وهندڙ پاڻيءَ سان ڀرجندي آهي لڙڪ لڙڪ ٿي خالي ٿيندي آهي ....... جنهنجو پاڻي چانڊوڪيءَ جھڙو اُجرو آهي، جنهن ۾ چنڊ پنهنجو عڪس ڏسي مُرڪندو آهي ۽ جنهن جي اوجل پاڻيءَ ۾ هر چوڏهينءَ جي رات پريون وهنجڻ اينديون آهن ڪاغان جي انهن قصاگو پوڙهن جي ڪهاڻيءَ ۾ ايڏو ڪجھه آهي جو دور دراز جا Tourist ڪجھه معاوضو ادا ڪري بار بار اهو ساڳيو قصو پيا ٻڌندا آهن ! ۽ قصي جي مڌ مان ڍاپي نه ڍاپندا آهن . بلڪل بلڪل بلڪل ائين آهي اسان جو هي قصاگو جنهن کي اسين ۽ اوهين مير محمد پيرزادو سڏيون ٿا . هو جڏهن اڪثر ادبي محفل ۾ ڳالھائيندو آهي ته محسوس ٿيندو آهي ڄڻ مان ڪنهن ادبي محفل ۾ نه ويٺو آهيان پر ڪنهن عظيم عبادت گاهه ۾ ويٺو آهيان، مقدس مريم جي اداس مُرڪ جي گھيري ۾ آهيان ۽ مصلوب عيسيٰ جي آڏو آهيان . هو ڳالھائيندو آهي ته لڳندو آهي ڄڻ فطرت پنهنجي آس پاس سان مخاطب آهي سچ ته کيس ٻڌندي ماڻهو سراپا سماعت بڻجي ويندو آهي ! پنڊ پاهڻ ٿي ويندو آهي .
دراصل دوستو!
ڪجھه ماڻهو پنهنجي ڳالھين جي هيٺان هوندا آهن ۽ ڪجھه ماڻهو پنهنجي ڳالھين جي مٿان هوندا آهن ! جيڪي پنهنجي ڳالھين جي هيٺان پوريل هوندا آهن اُهي ڳالھيون ته وڏيون، گھڻيون، رنگين ۽ دلڪش ڪندا آهن پر نه ڪو انهن جي ڳالھين ۾ ڪوئي اثر هوندو آهي ۽ نه سندن لھجي ۾ ڪو درد هوندو آهي انهن وٽ فنڪاراڻي ٺاهه ٺوهه ۽ ادائگيءَ جو ڍنگ ته هوندو آهي پر انهن وٽ جيءَ جو اهو جنون نه هوندو آهي جيڪو ڳالھين ۾ ڳهر پيدا ڪندو آهي ۽ لھجي ۾ لھوءَ جھڙي گرمي ڀريندو آهي ! ۽ اهو اعزاز فقط انهن وٽ هوندو آهي جيڪي پنهنجي ڳالھين جي هيٺان نه پر مٿان هوندا آهن .
1. اُهي ماڻهو هوندا آهن جن جي ڳالھه ۽ عمل ۾ وٿي (Space) نه هوندي آهي . اهو ئي سبب آهي جو جڏهن اهي ماڻهو ڳالھائيندا آهن ته لڳندو آهي وقت جي پيرن ۾ ڏانوڻ پئجي ويا آهن ۽ تاريخ جي رفتار ڌيمي ٿي وئي آهي .
هونءَ ته اسان وٽ وات راڌن جي ڪائي ڪمي ڪانهي ! ( ايک ڍهونڍهو هزار ملتي هين ) واري حالت آهي .
سنڌ جي کوڙ الميئن مان هڪ وڏو الميئو اها اجائي ڄاڙي بازي به آهي . منهنجو خيال آهي ته گھڻو ڳالھائڻ جو حق فقط ٻن قسمن جي ماڻهن کي هجڻ گھرجي .
هڪ : ڪلاس روم ۾ بيٺل استاد کي .
۽ ٻيو : دل جي ڳالھه ڪندڙ ديواني کي .
۽ مير محمد پيرزادو دل جي ڳالھه ڪندڙ اُهو ديوانو آهي جنهن جي ديوانگي سوين سياڻپن کان مٿاهين آهي . ڇو ته اها ديوانگي درد جي دين آهي . اها ديوانگي عشق جي عطا آهي . ان ديوانگي کان محروم ماڻهو مُڏو ۽ مردار ٿي پوندو آهي، ان ديوانگي کان وانجھيل ماڻهو Pleasing culture جو ڦلترو خوشامد جو کودو Status Quo جو انڌو پيلپائو ۽ پنهنجي مخصوص ڪلاس جو نمائيندو ٿي رهجي ويندو آهي هو ته ديوانگيءَ جي دهليز تي بيٺل اُهو عاشق آهي جيڪو گھر ٻاري روشني ڪندو آهي ۽ سَوَ وڃائي ساءُ بچائيندو آهي . ڪاغان جي انهن پوڙهن قصاگوئن جي قبيلي جو اهڙو قصاگو آهي جنهن جي خوابن، خيالن، يادگيرن ۽ احساسن ۾ هڪڙي اداس سيف الملوڪ ڍنڍ موجود آهي ۽ هن جي اها اداس سيف الملوڪ ڍنڍ سنڌ آهي . سنڌ جيڪا هن قصاگو جي سيني ۾ ڌڙڪندڙ دل جئان ڏکاري آهي ...... سنڌ جيڪا ڪنهن اداس ۽ زخمي عورت جي اک مان وهندڙ لڙڪن ۾ آلي آهي جيڪا سيف الملوڪ جئان مانسرور مان قطرو قطرو ٿي سيراب ٿئي ٿي ۽ لڙڪ لڙڪ ٿي لاڙ جئان بنجر ٿئي ٿي ٿر جئان ريگستان ٿئي ٿي ! هن جو ڏک هر حالت ۾ Justified آهي .
هُو ڪنهن ازل جي اداس قصاگو جئان اسان جھڙن Tourists کي بنا معاوضي هن ديس جي هڪ هڪ زخم جي ڪهاڻي ٻڌائي ٿو، ڪهاڻي جنهن ۾ سچ آهي، سونهن آهي، درد آهي، آرٽ آهي، محبت آهي، Wisdoms آهي .
هو اهڙو قصاگو آهي جنهن لاءِ سنڌ سياستدان جئان محظ هڪڙو ڪارڊ ناهي ......... سوڪالڊ دانشورن جئان ڄاڙي ٺوڪڻ جو موضوع ناهي، اسان جھڙن اديبن جئان آڱر وڍائي شهيدن جي قطار ۾ شامل ٿيڻ جي سيڙهي ناهي، صحافين ۽ ڪالم نگارن جئان “ خبرن جو خاص Issue ” ناهي، پر هُن لاءِ سنڌ عبادت گاهه آهي ........ ڪعبه قبلو آهي...... دين ايمان آهي هن لاءِ سنڌ فيشن طور ڳالھائڻ، فيشن طور نه ڳالھائڻ، فيشن طور ڏکارو ٿيڻ، فيشن طور طنز ڪرڻ ۽ فيشن طور ان جو دفاع ۽ وڪالت ڪرڻ جو معاملو نه آهي پر سنڌ هن جي لاءِ سر جو سودو ڪرڻ جھڙي وٿ آهي، وقار آهي، اعزاز آهي عشق آهي ۽ درد جو دائرو آهي ......
دائرو جنهن ۾ سڄي سنڌ ئي سنڌ آهي ۽ سنڌ جي مٿان آڪاس ۾ چمڪندڙ سنڌ جو هڪڙو جھونو عاشق چنڊ به آهي، چنڊ جيڪو زخمي زخمي آهي ان زخمي چنڊ جو نالو “ جي ايم سيد ” آهي جنهن کي پَراوَنِ گھٽ پنهنجن گھڻو گھايو. انهن پنهنجن ويندي ويندي سندس پٺيءَ ۾ اهڙو خنجر کوڙيو جو ان مان اڄ تائين رت ٽمي رهيو آهي ۽ ساري سنڌ جي ڇاتي لھو لھو ٿي وئي آهي . مير محمد پيرزادي جون اکيون انهيءَ پٺيءَ ۾ کتل خنجر جون جاڙيون شاهد آهن.
سو سندس اکين جي نمناڪي ۽ لھجي جي اداسي بي وجھ ناهي . درد جي انهيءَ دائري ۾ سمجھه ۽ سُرت جون اُهي ڳالھيون به ولين جئان ڦهليون پيون آهن جھڙيون ڳالھيون زهر جي پيالي لاءِ منتظر ارسطو اٿينس جي ڳلين ۾ ڪندو هو . ڳالھيون جيڪي ڳليءَ ڳليءَ ۾ هوائون بڻجي هُلنديون هيون ۽ نوجوانن جا نيڻ روشن ڪنديون هيون ته مير محمد جون ڳالھيون سمجھه جون اهي سُرڪون آهن جن جو سواد ماڻي سڪرنڊ سميت سنڌ جي انيڪ ذهنن تان زنگ لھي ويا ۽ سندن اکيون اجريون ٿي ويون، جڏهن کين ڀٽائيءَ جي ڀر ۾ ويهاري ٻڌايو ته : سُرمو سفيديءَ جو جڏهن پاتو جن، تڏهن ڏٺي تن اڇائي عالم جي .
هي قصاگو جنهن مهل دل جي سمفني تي ڀٽائيءَ جو ذڪر ڇيڙيندو آهي ته سندس سينو سمنڊ ٿي ويندو آهي ۽ اکيون لھرون لھرون ٿي وينديون اٿس هو جنهن پل وجدان جھڙي ڪيفيت ۾ اچي اسان پرهه جي پياڪن کي ان شاعر جا اهڙا بيت ٻڌائيندو آهي.
هڪ ڌرتتي ماءِ، ٻي سندي سڄڻئين،
هلي ۽ واجھاءِ، ٻنهين ڄيرن وچ ۾ .
۽ :
“لڙيو سج لڪن ۾، راسيون رتائين،
مون کي ماريائين، اديون اونداهو ڪري.”
۽ پنهنجيءَ دل جي ردم تي انهن بيتن جي حسناڪيءَ تي ڳالھائيندو آهي ته اسان جي لاءِ احساسن ۽ معنائن جا نوان در کلي پوندا آهن، ۽ ڀٽائيءَ سان اسان جي عشق جي تجديد ٿيڻ لڳندي آهي .... ۽ اسين پرهه جا پياڪ، ڀٽائيءَ جي قدمن ۾ سربسجود ٿي ويندا آهيون .
هو اهڙو قصاگو آهي، جيڪو مون کي اڪثر پنهنجيءَ خاموشيءَ ۾ هڪ ڳالھه ۽ پنهنجيءَ ڳالھه ۾ هڪ خاموشي ڀاسندو آهي . اهڙي خاموشي، جيڪا پنهنجي پاڻ ۾ هڪ عظيم عبادت آهي، هن جو پنهنجو به ته هڪ شعر آهي ته :
سانت به ڪڏهين ڳائيندي آ،
ماڻهوءَ من پِرِڀائيندي آ.
هو جنهن جي ڳالھه ۾ انور پيرزادي کي پاتل گلابي سنڌي ٽوپيءَ ۾ پويل ٽڪن جي روشن حسناڪي به آهي، ته موهن جي دڙي جي ماڻهوءَ سوڀي جي سوچ جو سواد به آهي !
هو، جنهن جي قصي ۾ جمال ابڙي جي ڪهاڻين جي خوشبو به آهي ته مهاڪوي اياز جي شعرن جو رڌم ۽ مٺاڻ به آهي !
هو، جنهن جي تربيت ۾ رسول حمزه توف واري ديس سان دلبريءَ جي سُتي به شامل آهي، ته گرو رجنيش جي گفتگوءَ جو رنگ به آهي؛ سو منهنجي لاءِ هڪڙو اهڙو منفرد ماڻهو آهي، جنهن سان منهنجو ان ڳالھه ۾ اعتبار پختو ٿي ويندو آهي ته عقل، مطق، دليل ۽ بحث ثانوي سطح جيPhenomena آهي، جڏهن ته عشق ادراڪ، جذبو ۽ وجدان اول درجي واري Phenomena آهي، هن سان ملي مون ڄاتو آهي ته عشق جن جو ايمان نه آهي، انهن جي عقل جا سڀ سرٽيفيڪيٽ ڪوڙا هوندا آهن .
دوستو! هُو جيڪو هڪ ئي وقت پنهنجي ذات ۾ هڪ محفل آهي، هڪ ميلو آهي، جھميلو آهي، سو پنهنجي اندر ۾ اڪيلو به آهي. هو هڪڙو شفيق پيءُ هئڻ سان گڏ هڪڙو اداس مسافر پيءُ به آهي ... ڀيڻ جو اڪيلو ڀايڙو به آهي. تنها پٽ به آهي، پنهنجي ابي امان جو ! کوڙ سارن دوستن ساٿين کان محروم رهجي ويل دوست آهي، انيڪ حادثن جو اڪيلو شاهد پنهنجي ديس جئان زخمي زخمي، وياڪل وياڪل!
پر پوءِ به هن جي چپن تي سدائين معصوم ٻار جي مُرڪ محوِ رقص هوندي آهي، اهڙي مُرڪ جيڪا ڪنهن فاتح سپهه سالار جي نيڻن ۾ هوندي آهي، ڇو جو هو هن ديس جو اهڙو قصاگو آهي، جنهن جي سيني ۾ سوين ستارن جھڙا قصا جرڪندا ٿا رهن ۽ هو ڄاڻي ٿو ته قصو لازوال هوندو آهي، قصو ڪڏهن به ختم نه ٿيندو آهي، قصو سدائين قائم دائم رهندو آهي. قصو قائم آهي ته پوءِ ڏک ڪهڙو؟ هو پنهنجي لاءِ ڄڻ ڪاغان جو قصو آهي !!
(سائين مير محمد پيرزادي سان ملھايل شام لاءِ لکيل تاثر )
منور سراج
نوابشاهه