اڄڪلھه جو ماڻهو!
ڏاند چاڪيءَ جو مُٺيءَ ڪنهن ماٺ ۾،
ٿو رڳو ڳَهَندو رهي،
وَهَندو رهي،
ڪا به منزل ماڳ جي جنهن کي خبر ئي ڪا نه آ،
پر انهيءَ جي وس ۾ ٻيو ته ڇا نهڪر به نه آ،
بلڪل ايئن ئي چُپُ چُپات،
اکين تي جنهن کي اکياڙيون،
۽ مٿس چهبُڪ جو سٽڪو،
گاَر جي آهي ڳَئَيِ،
هو مگر ڪنهن ڀي عُذُرَ کان سواءِ،
ماٺ ۾ وهندو رهي ٿو.
ان سموريءَ جُٺُ هوندي،
ان جي من ۾ آس آ،
پنڌ جو سٽڪو ڪري جيڪو وِيَسُ،
سو سندم هئڻ جو آهي دليل !
هئڻ ۽ نه هئڻ ۾ هونءَ به ٿورڙي آهي وٿي،
ڏاند جو ڪو حق نه آ،
جو گھڙيءَ پَل لئه،
اکياڙيون سيرڙي ۽ ڏسي ڪجھه ڀي سگھي!
ته پنڌ آ هُن ڪيڏو ڪيو ؟
پنڌ جيڪو هئڻ هن جي جو دليل!
سج لٿي وقت جڏهن ٿيون لھن ان جون اکياڙيون،
ڇوڙجي گھاڻي منجھان،
ڇرڪ کائي ٿو چوي :
پنڌ سڌو ٿيو ڪي نه ڪي، ماري وڌو ڦيري ولي،
جان پٽي اکيون ڏسان بيٺو آهيان ساڳئي ڪلي!
پوءِ اهو جو وقت ڪٽيو،
وانجھيل آ جو مفاصلي جي ماپ کان،
ڏاند جي هوندي به ڄڻ،
سندس اڻ هوند جو آهي ثبوت .
ڏاند جِي جي دل ڏسي ڪو ان مهل،
ڪانه اهڙي دل رهي جا،
ان تي نه کائي ڪهل،
پر ڏسي ٿو ڏاند جڏهين،
ماڻهو اڄوڪي دور جو،
جنهن جي اکين تي اکياڙِيون به بظاهر ڪو نه آهن،
سو به ائين هڪ دائري ۾،
بي سود ڦِرَندو سِرَندو ٿو رهي،
عمر ساري ايئن ڪٽي،
ڪو نه پُرجھي ڪنهن مهل.
دور هن جي آدميءَ تي،
ڏاند کي آئي ڪَهل !!