اداس لمحا، اداس چارا، سوال بنجي اڳيان اچن ٿا،
وشال آڪاس مان ستارا، سوال بنجي اڳيان اچن ٿا.
اسان جون سوچون اجاڙ بنجي، شهر بدر ٿي ڀلي پيون ڀٽڪن،
بتيون ٻريل ۽ توهان جا جارا، سوال بنجي اڳيان اچن ٿا.
اسان جا سپنا جلاوطن ٿي، تڪن ٿا نيڻن سندي شهر ڏي،
اُجاڙ جن جا سڀئي اوتارا، سوال بنجي اڳيان اچن ٿا.
پِيا ملڻ تي انيڪ پهرا ۽ سخت رويو سماج جو ٿيو،
سمنڊ ڪناري ٻه پاڇا ڪارا، سوال بنجي اڳيان اچن ٿا.
اننت سورن انبار سِر تي، ڪٽڪ ڪيو ٿا اچن جي ڪاهيو،
ڪنڌي نه تن، نه ڪي ڪنارا، سوال بنجي اڳيان اچن ٿا.
سُڪون ميهر ملڻ کان وڌ آ ته سير ۾ ئي هليو وڃي سِرُ،
اتي جي ساگر ڏئي اِشارا، سوال بنجي اڳيان اچن ٿا.
رُتيون اوهان سان وڃن ٿيون رڱجي، مندن توهان جا چميا قدم ٿي،
توهان پڄاڻا پرين نظارا، سوال بنجي اڳيان اچن ٿا.
توهان سان گھاريل گھڙيون گُھٽين ٿيون، توهان سان گھاريل انيڪ لمحا،
وڌائي تنهنجي پياس پيارا! سوال بنجي اڳيان اچن ٿا.
سماج جا هو سڀئي ڌڪاريل، وڃي گڏيا مئڪدي ۾ آهن،
اُٿن ٿا جي ميڪدي مان نعرا، سوال بنجي اڳيان اچن ٿا.
توهان جي قدمن سندا نشانا، سجائي رکيا جنين سِرن تي،
چمي پيو چنڊ سي ئي چارا، سوال بنجي اڳيان اچن ٿا.