ڏٺو حال سڀ ڪنهن جو تنهنجي بنا،
ڀلي ڪار هر ڪو چوي دل وچان !
لُڏي ڏيِر ۾ جيئن ڪو ڍانڍي پَکي،
نڙيءَ ۾ ڇڏي بينَ جنهن آ رَکي،
لڏون لوڏ گڏجي انهيءَ سان سَکي،
وڃون پينگھه سان ايئن ٻهڪي ٻَکي،
سڄو جڳ ڀي جھومي اٿي پاڻ سان،
ڀلي ڪار هر ڪو چوي دل وچان !
هڻي ڇاڙپون ٻيرَ ٻيرِيُنِ پَٽِيُون،
جھڙالن مان کنوڻين جا جھومر جھٽيون،
ڀري ڇو نه ماکي مکڻ جون وَٽيون،
ورهائي ۽ ڪينو، ڪدورت ڪَٽيون،
جھنڊو ٿئي امن جو مٿي عرش کان،
ڀلي ڪار هر ڪو چوي دل وچان !
ستارن جو جھرمٽ هي ٽيڙو ڪَتي،
ڀُلَيلَ ڪنهن مسافر لئه بر ۾ بَتي،
ڇِنَلَ اُڀ جي چادر مٿان ڄڻ چَتي،
ڪيم وس تن سان جو پنهنجي گَتي،
مگر ڪو نه ترسيا هليا ويا هتان،
ڀلي ڪار هر ڪو چوي دل وچان !
بتيءَ ميڻ ۾ جيئن ڌاڳو ٻَري،
اوجاڳو اکين سان اِها پَرِ ڪَري،
وري پوءِ به هو ڪين ٿو جي وَري،
ته اُڌمن، اوجاڳن سندي ڪيئن سَري،
نِپوڙي ڇڏي ساهه ٿو جسم مان،
ڀلي ڪار هر ڪو چوي دل وچان !
اڏاميو ابابيل ڪاڏي ڪَهن،
ڪيان وينتون لک نه مورئون مڃن،
وٺيو ساڻ مون کي نه ٿا ڇو وڃن،
وري ڪَل آ ڪهڙي ته ڀيرو ڀڃن،
چئي جيءُ هتان هاڻ هلي آءٌ وڃان،
ڀلي ڪار هر ڪو چوي دل وچان !