پوهه سُڪايا پَنَ اَڪَنِ جا، جيءُ پيو آ جھورو،
تو کي پتو نه کورو!
توريءَ ساڳ نه ساءُ ڏئي ٿو، ڪنهن سان گڏجي کاوان،
رائِي ڏيندي پَليِ پُڇي ٿي، ڪنهن جي لئه ٿي ٺاهيان؟
چِههِ تي سيڪِيَلَ سوڪ ٽڪر کي سيني هوند لڳايان،
پر، ڇا ڪريان جو تنهنجي ويجھو هاءِ نڀاڳي ناهيان.
پلال سنديءَ هن پاٿاريءَ تي، پوههَ ڇڏي ڪِيُئي هيڪل ڇورو،
تو کي پتو نه کورو!
جنڊ هڻي آ جندڙي لوڏي، ٿي هان پورهيت ٻيلپياڻي،
آءٌ ٻهاريدار به سونهان، پر جي سڏ سان ٿي پئين ساڻي،
انگ ڍڪڻ لئه لوئيءَ جو اڌ، اَڌَ اُگھاڙِي آهه نياڻي،
ڪُڪِڙِ وانگي ڪوڙيِءَ ٻچڙا، سيءَ به ڪئي هان ساڻي،
لِيڙَ ڪَتيڙي ڇو ٿي آهيان؟ جانيءَ ريءَ نه جُڳائي جورو،
تو کي پتو نه کورو!
ڳيڌ به مودي هاڻ نه ڏئي ٿو جھڻ، مکڻ ۾ کوٽ پئي،
ڏوگاهي جا ڏينهن گذاري، گاهه گسن تي ريٽ رَئي،
ويلا بک تي اوڙاپاڙا، تن کي سگھبو ڪجھه نه چئي،
هاءِ جواني! واٽون ڏسندي وارِيءَ مُٺ جيئن وهي وئي،
ڦالون پاتم، ڪانگ اُڏايم، موٽج تو لئه ڳاتم مورو،
تو کي پتو نه کورو!
هڏڪي ڪُوڙي، اک ڦرڻَ ڀي، اڄ ڇو ساک وڃائي ويٺي!
تو لئه سانڍيم جواني جاني! ڏينهن ازل کان تو سان ڏيٺي!
مکڙيءَ مان ٿي گل پَئيِ هان پيار اندر جيئن تنهنجي پيٺي!
اڄ به اچڻ جي اوسيئڙي ۾ چَندَنِ سان مون جندڙي چيٺي !
چووينهينءَ چَنڊُ چانجوهُيو آ ڳَهَرِيلُ ڳاٽُ لڳي ٿو ڳورو،
تو کي پتو نه کورو!