ائين هِيءَ چاندني چوڏس،
چندرما جي ڇَڻي آئي!
اڃا ساهن جي سرگم تي، ترانو جھوميو مس هو،
اڃا سنگيت سڏڪن جي سُرن کي ئي چميو مس هو،
ته جھمريون خوب پائيندي،
هوا خوشبوءِ کَڻي آئي!
ائين هيءَ چاندني چوڏس،
چندرما جي ڇڻي آئي!
وکيريل وار سُلجھائي، پَسائي مُکَ پرهه جھڙو،
نماڻو ڄڻ ته نرمل آ، وڏي ڪُهُني وِرِههَ جھڙو،
ننڊاکا نيڻ کوليندي،
وري مون کي وَڻي آئي!
ائين هيءَ چاندني چوڏس،
چندرما جي ڇڻي آئي!
ڏيارن ياد ڏند رابيل، گلابن گھورَ ڳلڙن مان،
لياڪا سِڪَ پئي پاتا، اسان جي چِيچَ ڇلڙن مان،
هوا جيئن رات_راڻيءَ مان،
گھُلي ويتر گھڻي آئي!
ائين هيءَ چاندني چوڏس،
چندرما جي ڇڻي آئي!
نگاهون چنڊ جون ڍنڍ ۾، ڏسن جئن عڪس پنهنجوئي،
سندءِ سوچون خيالن ۾، ڏسن تئن عڪس پنهنجوئي،
هوا ڇهندي جسم سارو،
توهان جي بوءِ بَڻي آئي!
ائين هيءَ چاندني چوڏس،
چندرما جي ڇڻي آئي!