هيءَ نه ويل وڃڻ جي هُئي.
ڏاڍو ڏور هليو وئين پٽڙا، هيءَ نه ويل وڃڻ جي هُئي.
منهنجا محمد خان او مٺڙا، هيءَ نه ويل وڃڻ جي هُئي.
جهوريءَ تنهنجيءَ جان جگر کي، جهوري جهوري جهير وڌا،
هاڻي جيئندا ڪيئن هي جڏڙا، هيءَ نه ويل وڃڻ جي هُئي.
ڳاڙها ڪوسا لُڙڪ اکين مان، لارون لارون ٿي لڙڪن،
نير ٽمائن ننڍا وڏڙا، هيءَ نه ويل وڃڻ جي هُئي.
پيءُ ۽ ماءُ، ڀيڻون ڀائر، چاچا، ماما، سؤٽ ۽ ساٿي،
ساعت ساعت ۾ ڪن سڏڙا، هيءَ نه ويل وڃڻ جي هُئي.
کِلندي کِلندي، ڪُڏندي، ڪُڏندي، مُرڪي، مُرڪي من وئين موهي،
گهوٽ گلابي، گل، مک، گلڙا، هيءَ نه ويل وڃڻ جي هُئي.
مُرڪ سندءِ ۾ ماکيون مصريون، ڪامڻ ڪُنڍين اکڙين ۾،
موتين جهڙا ڏند ته اڇڙا، هيءَ نه ويل وڃڻ جي هُئي.
نڪ ڪُنڍو ۽ جاڙا اَبرو، جوڀن نس نس ۾ پئي نپنو،
پَٽَ پٽيهر پير ۽ هٿڙا، هيءَ نه ويل وڃڻ جي هُئي.
قد ۽ ڪاٺي اَڱ ۽ عُضوا، علم، عقل ۽ اکر تنهنجا،
واهه واهه جهڙا، وار ۽ چپڙا، هيءَ نه ويل وڃڻ جي هُئي.
تُنهنجي سونهن ۽ سيرت کي مان، واکاڻيو پيو واکاڻيان،
واکاڻين پيا وڏڙا، ننڍڙا، هيءَ نه ويل وڃڻ جي هُئي.
تنهنجو منهنجو ميلو ٿيندو، مولا منهدان محشر ڏينهن،
توکي چُميو چُمندس منڙا، هيءَ نه ويل وڃڻ جي هُئي.
تون ئي منهنجو آئيندو ۽ تون ئي منهنجو عاشق هئين،
تون ئي هُئين ”سرويچ“ او ٻچڙا، هيءَ نه ويل وڃڻ جي هُئي.
[30 مئي 1983ع تي اکين جي نُور، ساهه جي سرور گهوٽ پٽ شهيد محمد خان سرويچ جي بي وقتائتي لاڏاڻي تي اکين مان آب هاريندي لکيو ويو]