هيرا لکين هاري ڇڏيئه
مُرڪ هڪ سان ماهرو، جن ملڪ مڙ ماري ڇڏيئه.
کل خوشي ۾ خوبرو، ڪئين خاندان کاري ڇڏيئه.
حُسن ۽ هٻڪار تنهنجي جو، هليو هُل هر جڳهه،
حرف هڪ سان هر طرف، هيرا لکين هاري ڇڏيئه.
رُخ مٿان جنهن رات راڻا، تو ڪيو پردو پري،
رب ٿو ڄاڻي ته رانجهن، راڄ روئاري ڇڏيئه.
مُنهن مصحف، نيڻ نرگس، نُور چمڪي منجهه نراڙ،
قد و قامت ۾ سرؤ کي، سوز سيکاري ڇڏيئه.
ڏور کان ابرو ڏنگا، ٿا ڏنگ ڏيهاڻي هڻن،
ڏيهه ساري جا اي ڏاها، ڏيل ڏس ڏاري ڇڏيئه.
وار ويڙهيئه واهرو، جنهن ويل ويهي وِلهه تي،
واس وڻ وڻ کي مليو، هر واٽ هُٻڪاري ڇڏيئه.
گس وٺي گوهر جڏهن، گلفام گُلرو ٿي گهمئين،
گلبدن گفتار سان سڀ، غم اَلم ٽاري ڇڏيئه.
دلبرا ديدار ڏيئي، دم اندر ۾ دائما،
درد وارن جون سدا، دلبر دليون ٺاري ڇڏيئه.
سور ساڙي، سوز صدمن، کان ته اي ”سرويچ“ سچ،
منجهه صفت ساجن سندي، هي شهر سينگاري ڇڏيئه.