شاعري

ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون

ھي ڪتاب سنڌ جي عوامي شاعر سرويچ سجاولي جي شاعريءَ جو مجموعو آھي. سرويچ سجاولي صاحب جو ھي مجموعو غزلن، نظمن، گيتن، وأين، ڪافين ۽ ڪجھھ محبوب شخصيتن کي ڏنل ڀيٽا وارن شعرن تي مشتمل آھي، جيڪي وقت بوقت سرويچ جي اندر مان اڀري اکرن جي صورت وٺي ڪورن ڪاڳرن تي ظاھر ٿيا. سرويچ سجاولي جي شاعري، سنڌ جي شعور جي علامت، قومي حقن لاءِ اُٿندڙ آواز ۽ طبقاتي ڦُرلُٽ جي خلاف احتجاج جو سگھارو آواز آھي. سندس شاعري ۾ نه رڳو پنھنجي وطن، پر ان جي پورھيتن، ڪمين ڪاسبين، ھارين، نارين، عورتن، ٻارن، ٻڍن، جي اھنجن، ايذائن ۽ سورن جي ڳالھ ڪيل آھي، پر انھن جو درمان به ڏسيل آھي. ۽ بي باڪي ۽ دليريءَ سان پنھنجي حقن کي ڇني وٺڻ جي واٽ به ڏسيل آھي. سرويچ جي شاعري فڪري حوالي سان قومپرست ترقي پسند ۽ جمهوريت پسند فڪر جي ترجماني آھي.
Title Cover of book ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون

محبت سنديون ڪي ماٽيون

محبت سنديون ڪي ماٽيون

اچ اچ ته ويهي وِلوڙيون، محبت سنديون ڪي ماٽيون،
ڪُلفت جا دوڳ درخت، ڪرٽن سان يار ڪاٽيون.

سک ساڻ هُونِ ماڻهو، سنسار هن سڄي ۾،
ايڏو ته پيار پوکيون، ڪاڇي ڪچي پڪي ۾،
جنهن مان خرار کڻجن، ٽويا نڪي ڪي پاٽيون،
اچ اچ ته ويهي وِلوڙيون، محبت سنديون ڪي ماٽيون.

ڪينن ڪدورتن تي، آڻيون قيام ڪاري،
فتنا فتور ميٽيون، جهيڙا رکون نه جاري،
نفرت جا نوڙ ناڀون، ڄيرا ڏئي ڄراٽيون،
اچ اچ ته ويهي وِلوڙيون، محبت سنديون ڪي ماٽيون.

امن و امان عافيت، انسان ساڻ الفت،
ڪچ ڪوڙ کي ڪٽڻ جي، قائم ڪريون ڪا قدرت،
دنيا سڄيءَ سان ياريون، گَهريون رکون ۽ گهاٽيون،
اچ اچ ته ويهي وِلوڙيون، محبت سنديون ڪي ماٽيون.

دوکا فريب دُلبا، دنگا فساد ڌوڏي،
لالچ لغورپڻ جي، لاهن کي لوڏي لوڏي،
کوٽي بنياد تن جا، لُٽمار کي لڙهاٽيون،
اچ اچ ته ويهي وِلوڙيون، محبت سنديون ڪي ماٽيون.

نِج ٻِج برابري جو، پوکيون گهٽيءَ گهٽيءَ ۾،
پهريون ئي لفظ پيار جو، پاڙهيون پَٽي پَٽي ۾،
سيئي دليون ڌتاريون، جيڪي دکن دونهاٽيون،
اچ اچ ته ويهي وِلوڙيون، محبت سنديون ڪي ماٽيون.

گڏجي گُهمون ڦرون سڀ، گهيڙن گهٽين گهٽن ۾،
جيڪا به رَٻ پاڻي، ورڇي پيون وٽن ۾،
ڳايون ڳيا خوشي جا، پائي ڳچي ڳراٽيون،
اچ اچ ته ويهي وِلوڙيون، محبت سنديون ڪي ماٽيون.

هر دم هجن متل شل، ميڙا ۽ ميڙ پنهنجا،
ٻهڪن ٻڌيءَ جي ٻل سان، گهرگهاٽ گهيڙ پنهنجا،
جُو جُو کي جوت بخشيون، جُٽ جوڙ ساڻ جاٽيون،
اچ اچ ته ويهي وِلوڙيون، محبت سنديون ڪي ماٽيون.

حُبون هزار سانڍيون، هرپل ڀڄون حسد کان،
ساڙ رکون ڇو ڪنهن جي، حق ۽ حدود حد کان،
سينن ۾ صاف سڪ جا، ٻاريون ڏيا ڏياٽيون،
اچ اچ ته ويهي ولوڙيون، محبت سنديون ڪي ماٽيون.

ماڻهن سان ميٺ ميلپ، رکجي مثال واري،
محبوب وانگي مٺڙو، هوئي مزور هاري،
دليون ملن دلين سان، سوڌيون سنيون سواٽيون،
اچ اچ ته ويهي ولوڙيون، محبت سنديون ڪي ماٽيون.

ڀون ساڻ ٿي ڀيچ ڀيچي، ڀارن جيان گذاريون،
پختن پڪن پيارن، يارن جيان گذاريون.
دشمن امن جا جيڪي، تن کي چٿيون چيهاٽيون،
اچ اچ ته ويهي وِلوڙيون، محبت سنديون ڪي ماٽيون.

ويڇا سڀئي وساري، وهسون وسون وطن ۾،
مُرڪون ملون هلون سڀ، هٿڙا ڏئي هٿن ۾،
پيرُن پَڪن، پَڪن جون، ورڇيون پٽن ۾ پاٽيون،
اچ اچ ته ويهي وِلوڙيون، محبت سنديون ڪي ماٽيون.

ڌرتيءَ سڄي جي جسم تي، جيڪي به کَنڊ ٻُڌجن،
تن تي کڙيل هميشه، چوڏهين جا چَنڊ ڏسجن،
وَستيون اُهي وسايون، جيڪي ورهه وِهاٽيون،
اچ اچ ته ويهي ولوڙيون، محبت سنديون ڪي ماٽيون.

”سرويچ“ سنڌ سوڌو، روشن جهان ڪريو،
سُک ۽ سلامتي جا، پڌرا نشان ڪريو،
ايندڙ صديون رکن جيئن، اوچيون هميشه ڳاٽيون،
اچ اچ ته ويهي وِلوڙيون، محبت سنديون ڪي ماٽيون.