سلام سنڌ لئي لکان،
هُجان کڻي ڪٿي به مان، نه سنڌ کي وساربو،
پَري هُجان يا ويجهڙو، پيو سنڌ کي پڪاربو،
پيو سنڌ کي سنڀاربو، پيو سنڌ کي سنڀاربو.
سُرن پيا سنڌَ سنڌَ ۾ سدائين منهنجي سانگيا،
هُرن پيا هڏ هڏ ۾، والله منهنجي وانگيا،
چُرن پيا نس نس ۾، هي ساٿيا هي سانبيا،
اهي ته پيا سدا وسن، انهن کي خوش ڏسان ڏسان،
جو دم ته ٿو جتي جيان، سو دم ته پيو اڙي ميان!
سلام سنڌ لئي لکان،
ڪلام قوم لئي لِکان.
اوهين ته سنڌ ديس ۾، وَڌو وَڌو وَڻو وَڻو،
اوهين ته سنڌ ديس کي، اکين مٿي کڻو کڻو،
وطن جي حُب جون جڙون، هينئن اندر هڻو هڻو،
وڙهو نه پاڻ ۾ مٺا، کلو ۽ کير کنڊ ٿيو،
سُخن ۾ صاف سون ٿيو، چمن ۾ چار چنڊ ٿيو،
اوهين اوهان جي عزم ۾، جبل ٿيو ۽ جنڊ ٿيو،
ڏڪايو دشمنن سَنديون، دليون دليون هينئان هينئان،
جو دم ته ٿو جتي جيان، سو دم ته پيو اڙي ميان!
سلام سنڌ لئي لکان،
ڪلام قوم لئي لِکان.
اوهين نه وسرڻا ڪڏهن، اوهان سان جيءُ جڙيل اٿم،
اوهان سان دل اَڙيل اٿم، اوهان سان مَن مڙهيل اٿم،
اوهان جي پيار جون پٽيون، پڙهيل اٿم پڙهيل اٿم
اوهين ته اي، عجيبڙا، اکين ڪنان به اوڏڙا،
اوهين ته مور مَن جا، ملوڪڙا، ملوڪڙا،
اوهان تان گهورجي وڃان، اوهان تان سر ڏيان ڏيان،
جو دم ته ٿو جتي جيان، سو دم ته پيو اڙي ميان!
سلام سنڌ لئي لکان،
ڪلام قوم لئي لِکان.
اوهان جي سور ڏُک کي، ڏسيو ڏسيو ڏريو وڃان،
اوهان تي مچ ٻاٻرا، ٻُڌيو ٻُڌيو ٻَريو وڃان،
ڪڏهن ته ان عذاب ۾، صفا ٿيو چريو وڃان،
اوهين ته سڀ وَڌوَ وَڌوَ، اوهان جا کيٽ شل کِڙن،
اوهان جا چيٽ ۽ ڪتيون، ٽِڙيو ٽِڙيو وَريو ٽڙن،
اوهان جي گهر اڳيان ته مال جا ولر مڙيو مڙن،
اوهان سان کير جون وٽيون، کِليو کِليو پيان پيان،
جو دم ته ٿو جتي جيان، سو دم ته پيو اڙي ميان!
سلام سنڌ لئي لکان،
ڪلام قوم لئي لِکان.
اوهان جا ڳوٺ ڳوٺ ۽ ڳليون وسن الله ڪري،
اوهان جي وانڍ واڙ ۽ وسيون وسن الله ڪري،
اوهان جا گهيڙ گهاٽ ۽ گهٽيون وسن الله ڪري،
اڱڻ مٿي جيئن جيڏڙيون، کِلن کِلن ڪُڏن ڪُڏن،
هو سائي سائي ويس سان، ته پينگهه ۾ لُڏيو لُڏن،
صبح ۽ سانجهه ساهيڙيون، مِٺا مِٺا ڳِيا چون،
جيئو جيئو وَريو جيئن، جيئي سڄو جهان جهان،
جو دم ته ٿو جتي جيان، سو دم ته پيو اڙي ميان!
سلام سنڌ لئي لکان،
ڪلام قوم لئي لِکان.