عظمت سنڌ
اڄ به ”موئن جو دڙو“ تُنهنجي قدامت جو نشان،
تنهنجي ماضيءَ جو سڄو آ، جنهن ۾ پوريل داستان،
سون، چاندي ٻيا به ڌاتو، اُت چَوَن اڪثر عيان،
شهر شيشي جي مثل جايون جتي جنت جيان،
تُنهنجا ڇيڙا ٿي لنگهيا، عربي سمنڊ ڪشمور کان،
دنگ ”راجستان“ ۽ دنگ هُيو ”ايران“ سان،
پوءِ جيئن ٿي دور آيا، تيئن گهٽين گُلزار سنڌ
انقلابن جو به توتي آهي وارو وار سنڌ!!
تنهنجو ”ڪاهوءَ“ جو دڙو، ڪنهن وقت جلوهه گاهه هو،
تو ۾ ”جيئندراٿ“ جو پُڻ، شان شوڪت جاهه هو،
ٻيا به هت حُڪام هِندو، تن جو تو ۾ ساهه هو،
تو ۾ هر هڪ قوم جو، چوڌار چرچو چاهه هو،
تو ۾ منهنجي ”سنڌڙي“ بس هر گدا ڄڻ شاهه هو،
ڪونه تنهنجو ڪنهن مٿي، هرگز نظر ڪوتاهه هو،
تو سڀن جي ٿي لڌي، نت سور سُک ۾ سار سنڌ!
تو ۾ ڪن جي هار ٿي، ۽ ڪن وڌا ٿي هار سنڌ!
سنڌڙي، تولئه سڪندر جي سڪي ٿي دل مُدام،
جنهن ڪيو ”يونان“ مان تنهنجو اچي ڏوري سلام،
سڀ ”مهاراجا“ مڃائي، جنهن ڪيا تابع تمام،
۽ ڪيائين قرب مان ڪجهه وقت لئه تو ۾ قيام،
هو ”سڪندر“ جي زماني ۾ سندءِ سهڻو نظام،
شان تنهنجو هو سلامت، خوش رهيو ٿي خاص عام،
تو ”سڪندر“ جي ڪئي خوش ٿي کلي کيڪار سنڌ!
سيوهڻ الّور جا تو ۾ قلعا نروار سنڌ!
”عيسوي پنجين صديءَ ۾ هو ”گهراڻن“ جو وقار،
خاندان هن جا ٿيا ڪُل، ”پنج راجا“ نامدار،
”سال ستٽيهه سؤ مٿي“ ثابت رهيا با اختيار،
هن گهراڻي بعد ٿيا، تو ۾ ”برهمڻ“ باوقار،
”چچ ۽ چندار“ جو چرچو هليو ٿي چئن پار،
تو ۾ ”ڏاهر“ ڀيڻ پنهنجيءَ جو به ويو بنجي ڀتار،
”سؤ منجهان گهٽ سال ويهن“ تي رسي دربار سنڌ،
ويا هٿن خالي هتان، هٿ ۾ نه تن هٿيار سنڌ.
ٿيو برهمڻ کان وري پو، تو ۾، ”عربن“ جو وقار،
دور اسلامي رسيو، قرآن جي پيئي پچار،
پُڻ ويو وڌندو ڏهاڙي، تو ۾ ”مسلم“ جو شمار،
قائدا قانون قرآني ٿيا، آيو قرار،
”محسن اسلام آيو“ سچ کڻي هٿ ۾ ترار،
”ٽي سؤ ٻارهن سال“ تو ۾ تِن سندو هو اقتدار.
ٿي ويو امن و امان، تو ۾ سدا هر پار سنڌ!
”ابنِ قاسم“ ٿي منجهئي آيو سپهه سالار سنڌ!
تنهنجا عربن کان وري پو، ”غزنوي“ حاڪم ٿيا،
غزنوي سُلطان جي پڻ ٿي هلي هر هنڌ ڏيا،
جلد تن جا پُڻ کڄي، تنهنجي مٿان هٿڙا ويا،
بعد ۾ تو ۾ ”سومرا“ سورهيه سچا سردار ٿيا.
شهر ساموئيءُ ۾ گادي ۽ حڪومت جابجا،
”شينهن دودو ۽ چنيسر“ پڳ مٿان اٽڪي پيا،
تو سڀن جا پئي ڏٺا، اخلاق ۽ اطوار سنڌ،
تو مٿان ”ٽي سؤ ورهيه“ ٿيا سومرا سردار سنڌ!
سومرن کان پوءِ ”سمن“ جي پڻ صدارت تو ڏٺي،
مرتبو ۽ مان اعليٰ، شان شهرت تو ڏٺي،
ڄام نندي جي نظامت ۽ نيابت تو ڏٺي،
۽ ”تماچيءَ“ جي مُهاڻن سان محبت تو ڏٺي،
واهه ”دريا خان“ جي ظاهر ديانت تو ڏٺي،
”پنجهتر هڪ سؤ ورهيه“ تن جي حڪومت تو ڏٺي،
تون سدا آهين سدوري، صاحب اطوار سنڌ!
تنهنجي ماضيءَ جي ڪريان، ڪهڙي ڀلا اُپٽار سنڌ!
ٿيو ”سمن“ کان بعد ”شاهه ارغون“ تو ۾ سنڌڙي،
پارسي، عربيءَ جو ٿيو، قانون تو ۾ سنڌڙي،
”شاهه حسين“ هردم لکيا، مضمون تو ۾ سنڌڙي،
عام هو ”ارغون“ جو مرهون تو ۾ سنڌڙي،
قوم ساري ٿي رهي ممنون تو ۾ سنڌڙي،
ڪونه هو جهيڙو جهٽو ڪو خون تو ۾ سنڌڙي
سال ”ٻاويهه“ هُئي منجهئه ارغون جي دربار سنڌ!
موڪلائي تو منجهان ويا، مرد مڻيادار سنڌ!
بعد ”ارغونن“ جي مالڪ تخت جو ”تُرخان“ ٿيو،
سو ”ٺٽي“ جي تخت تي گوهر گل خندان ٿيو،
”بکري محمود“ بکر جو سچو سلطان ٿيو،
تو مٿي ”تُرخان“ جو هر خان هو ذيشان ٿيو،
پر اميرن مان وري درٻار جو نقصان ٿيو،
تو، مٿي تنهن جي ڪري ”مغلن“ سندو فرمان ٿيو،
”سال سؤ ۽ اڌ صدي“ تو ۾ مغل مختيار سنڌ!
تنهنجو ماضي شان شوڪت سان سدا سرشار سنڌ!
تو ۾ ”مغلن“ کان وري پو، ٿيا ”ڪلهوڙا“ ڪامياب،
جي ٿيا ”شاهان مغليه“ جي نظامت جا نواب،
زور مغلن جو ٽُٽو، حاڪم ڪلهوڙا ٿيا شتاب،
نامور نور محمد واهه جو ٿيو گُل گلاب،
هو ”غلام شاهه غازي“ مهر وارو ماهتاب،
واهه جو ”بهرام خان“ ۽ واهه گدو مل گلاب،
”سال چاليهه پنج مٿي“ خوش ٿي رهيا خوددار سنڌ!
”ڪوٽ نيرن“ ”حيدرآباد“ ٿيو نروار سنڌ!
سنڌڙي! تو ۾ ”ڪلهوڙن“ بعد آيا ”ٽالپر“،
”جنگ مياڻيءَ“ جي کٽي ويا مير صاحب مقبر،
واهه جو ”سهراب خان“ هو، خانصاحب خيرپور،
واهه جو ”فتح علي خان“ هاڪ وارو هوشور،
”مير ٺاري خان“، جي گاديءَ جو هنڌ منجهه ميرپُر،
تو ۾ ٽيهٺ سال پورا، ٽالپر مختيار سنڌ!
پاڻ ۾ اٽڪيا تڏهن ٿيا، لاڏلا لاچار سنڌ!
تو ۾ ميرن بعد ئي ”انگريز“ آيا سنڌڙي،
”نيپئر“ ”جيڪب ۽ جيمس“ دم دمايا سنڌڙي،
تو مٿي سڀني ٿي پنهنجا حق ڄمايا سنڌڙي،
تو سندا اڻ کُٽ خزانا تن کپايا سنڌڙي،
تنهنجا مالڪ ٿيا گهڻا، پنهنجا پرايا سنڌڙي،
تو سڀن سان حال سارو هٿ ڀرايا سنڌڙي،
”سال سئو ۽ چار“ ”گورن“ جي رهي سرڪار سنڌ!
اُن پُڄاڻان تو مٿي پنهنجا به ٿيا حقدار سنڌ!!
سنڌڙي تنهنجو نه ڪو مٽ تون ته آهين بينظير،
پر بنايو هن وزيرن ٿي ڪڻئي پينو فقير،
ياد آ هم تو مٿان ڪنهن وقت هُئا، ”ٻارهن“ وزير،
تن وزيرن جا وري، دفتر ۾ ٻيڻا هُئا ”دبير“
عيش خاطر تن ڇڏيو، پنهنجو صفا وڪڻي ضمير،
هُن تڪيو هُن کي بنايو، هُن وري هُن کي اسير،
هيءَ وزيرن جي هُئي تنهنجي مٿان ڀرمار سنڌ،
پاڻ ۾ جهيڙا جهٽا ۽ پاڻ ۾ ڦرمار سنڌ!
نيٺ ”چوڏهين آڪٽوبر پنجونجاهه“ ۾ سنڌڙي،
تنهنجي ئي پنهنجن ڇڏي، تنهنجي وڍي هٿ سان نڙي،
آهه! ڪُرسيءَ جي ڪري تون ٿي پئين جيجل ڪڙي،
حيف تن کي هوءِ جن توکي وڪيو ٿي جيجڙي،
سور هن کان سنڌين جو ويو جگر سارو سڙي،
آهه مشڪل موت کان وڌ، تو سوا گهارڻ گهڙي،
ڪير آهي؟ جو ڪري توکي اسان کان ڌار سنڌ!
ڪير آهي جو ڪري ٿو بند اڄ گفتار سنڌ!
تون اسان جي ۽ اسين تنهنجا سدائين سنڌڙي،
تون اسان سنڌين سندو ڄڻ ساهه آهين سنڌڙي،
جاڳيا آهيون متان تون هانءُ لاهين سنڌڙي،
مشڪلون لاهي ڇڏينداسون مٿانئين سنڌڙي،
تنهنجو ثابت شان رکندو، منهنجو سائين سنڌڙي،
ڇو پئي هاڻي اجايو نير واهين سنڌڙي،
دم گهڙي آهي ڏکي تون دل نه هرگز هار سنڌ!
ٿي ويا ”سرويچ“ آهن. نوجوان بيدار سنڌ!