احمد – لطيف - سچل
سنڌو سُڪي وئي ساري _ احمد لطيف سچل،
اُڏري رڳو پئي واري _ احمد لطيف سچل.
جنهن جون ڏٺيون اوهان هت، هوڏون هُڏيون هَلائون،
کڻندي کُٽيو ويون ٿي، ناکن سنديون نگاهون،
ڪڙڪيو ڪُڏيو ڪُنن سان، لهرين لڌيون ٿي لائون،
پاڻيءَ جي پِڇ لئه سا، سُڏڪيو هڻي صدائون،
ٿي وئي قيام ڪاري _ احمد لطيف سچل،
سنڌو سُڪي وئي ساري _ احمد لطيف سچل.
پاڙان پٽي جا وڻ ٽڻ، لوڙهي کڻي هئي ايندي،
ٻيلا ۽ ٻيٽ سارا، ٻوڙي کڻي هئي ايندي،
ٽُڪرا ڪري ٽڪر کي، ٽوڙي کڻي هئي ايندي،
مانگر ۽ مرگهه ماري، موڙي کڻي هئي ايندي،
اڄ سا اَٿوَ اُڃاري _ احمد لطيف سچل،
سنڌو سُڪي وئي ساري _ احمد لطيف سچل.
ڪيڏيون هُيون سنڌو ۾، مستيون مُدام موجون،
ٻيڙن هُڙن جون ٻارهئي، اُن ۾ هيون ڪي اوجون،
ڇولين سان ڇوليون ٽڪريون، ڄڻ ڪي وڙهيون ٿي فوجون،
کيرا ۽ آنيارا، پلا کڳا نه گوجون،
سانڀر سنڌو سنڀاري _ احمد لطيف سچل،
سنڌو سُڪي وئي ساري _ احمد لطيف سچل.
جهنگن جهرن برن ۾، جاوا ڪيا جنهن سنڌوءَ،
بستان باغ برٿر، ساوا ڪيا جنهن سنڌوءَ،
بُکيا اُڃيا سمورا، ڍاوا ڪيا جنهن سنڌوءَ،
وڻ ٽڻ وليون ۽ گلڙا، واه وا ڪيا جنهن سنڌوءَ،
پوتر ندي پياري _ احمد لطيف سچل،
سنڌو سُڪي وئي ساري _ احمد لطيف سچل.
ڪڻڪون، ڪماند، ڪيلا، ٻاجهر، جوئر ۽ ساريون،
ميون گُلن ڦلن جون، ٽيڙيو ڇڏئين ٿي ٽاريون،
ٻورن ۽ ٻوٽڙن سان، ٻُنگيل رهيون ٿي ٻاريون،
سنگن ۾ سون چاندي، جن تي جُهڪيون ٿي جهاريون،
هيڻا هئا نه هاري _ احمد لطيف سچل،
سنڌو سُڪي وئي ساري _ احمد لطيف سچل.
سنڌو آ سينڌ سنڌ جي، سا پڻ سُڪي وئي آ،
رهزن جي رهزني سان، رُڪجي رُڪي وئي آ،
پاڻي چُڪي جي لاءِ، ڌرتي چُڪي وئي آ،
ساري سمان اڳوڻا، جيجل جُهڪي وئي آ،
آهيون اسين ڏوهاري _ احمد لطيف سچل،
سنڌو سُڪي وئي ساري _ احمد لطيف سچل.
ڪيڏا هئا سنڌو ۾، ڪڙ ڪڙ ڪُنن جا ڪڙڪا،
گجگوڙ گوڙ گوڙيون، دهمان داٻ دڙڪا،
سُڻبا هئا سنڌو جا، ڌرتي سڄي تي ڌڌڪا،
ڀاري ڀٽن کي ڀوري، ڀڙڪي ڪندي هئي ڀڙڪا،
آهي اسان وساري _ احمد لطيف سچل،
سنڌو سُڪي وئي ساري _ احمد لطيف سچل.
ڪوڻيون نه ڪُم لوڙهيون، پٻڻيون نه بيهه بهرا،
من من مُدام ماندو، سرتيون ڪـُڇن نه سهرا،
ڪورڙ به ڪونه ڇٽجي، وَهرون رهيون نه وهرا،
ساڻيهه سڄوئي پنهنجو، بنجي ويو آ صحرا،
امڙ اسان ئي ماري _ احمد لطيف سچل،
سنڌو سُڪي وئي ساري _ احمد لطيف سچل.
سهڻي ميهار جنهن جي، پاڻي مٿي پَليا ها،
نينهن جا نشان اڻ کُٽ، سنسار ۾ سَليا ها،
روحن جا راز رشتا، جلوا ڪري جليا ها،
لاشا پو تن جا لُڙ تي، ٽارن جيان ٽليا ها،
اڄ ڪا ٽلي نه ٽاري _ احمد لطيف سچل،
سنڌو سُڪي وئي ساري _ احمد لطيف سچل.
ويڙهاند ڪابه ڪانهي، روئڻ رڳو آ راڙهو،
مارڻ مرڻ سوا ٻيو، چارو نڪو ڪو چاڙهو،
ارڏا اڙانگ ساٿي، ڪيڏو تپي ويو ڪاڙهو،
شايد سگهون نه ماري، گدڙ ٻلو يا ڦاڙهو،
آهيون مڙئي مداري _ احمد لطيف سچل،
سنڌو سُڪي وئي ساري _ احمد لطيف سچل.
ليڊر لغور لافي، ڌُوتا ڇڏيو دلالي،
وسڪي مٿي وڪامي، خواري کڻو نه خالي،
هڪ ٿي وڃو حقن لئه، هيرا ٿيو حلالي،
دانشورن کي گهرجي، لاهڻ لبن تان لالي،
ٿيندي پو سنڌ سگهاري _ احمد لطيف سچل،
سنڌو سُڪي وئي ساري _ احمد لطيف سچل.
جيسين نه ڪابه قومي، غيرت سڀن ۾ ايندي،
جيسين نه دشمنن سان، ويڙهاند ويڙهه ٿيندي،
جيسين نه پاڻ مان هيءَ، پنهنجي پڏاڻ ويندي،
تيسين ڦڙو نه جر جو، فرنگيءَ جي فوج ڏيندي،
حالت ڏسو پيا ساري _ احمد لطيف سچل،
سنڌو سُڪي وئي ساري _ احمد لطيف سچل.
سنڌو رُڳو نه سُڪندي، ”سرويچ“ سنڌ سُڪندي،
جوڌن پُٽن جي جيئري، جيجل جي جند سُڪندي،
مورو مٺي مياڻي، ڪينجهر جي ڍنڍ سُڪندي،
ڪشمور ڪنب ڪيٽي، بندر جي بند سُڪندي،
سُڪندي هيءَ ڀونءَ ڀلاري _ احمد لطيف سچل،
سنڌو سُڪي وئي ساري _ احمد لطيف سچل،
اُڏري رڳو پئي واري _ احمد لطيف سچل.