شاعري

ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون

ھي ڪتاب سنڌ جي عوامي شاعر سرويچ سجاولي جي شاعريءَ جو مجموعو آھي. سرويچ سجاولي صاحب جو ھي مجموعو غزلن، نظمن، گيتن، وأين، ڪافين ۽ ڪجھھ محبوب شخصيتن کي ڏنل ڀيٽا وارن شعرن تي مشتمل آھي، جيڪي وقت بوقت سرويچ جي اندر مان اڀري اکرن جي صورت وٺي ڪورن ڪاڳرن تي ظاھر ٿيا. سرويچ سجاولي جي شاعري، سنڌ جي شعور جي علامت، قومي حقن لاءِ اُٿندڙ آواز ۽ طبقاتي ڦُرلُٽ جي خلاف احتجاج جو سگھارو آواز آھي. سندس شاعري ۾ نه رڳو پنھنجي وطن، پر ان جي پورھيتن، ڪمين ڪاسبين، ھارين، نارين، عورتن، ٻارن، ٻڍن، جي اھنجن، ايذائن ۽ سورن جي ڳالھ ڪيل آھي، پر انھن جو درمان به ڏسيل آھي. ۽ بي باڪي ۽ دليريءَ سان پنھنجي حقن کي ڇني وٺڻ جي واٽ به ڏسيل آھي. سرويچ جي شاعري فڪري حوالي سان قومپرست ترقي پسند ۽ جمهوريت پسند فڪر جي ترجماني آھي.
Title Cover of book ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون

نينهن وڪبو ناهه ڪڏهن

نينهن وڪبو ناهه ڪڏهن

تون جڏهن پيهي وڃين ٿو، هر پَسَاهه جي اوٽ تي.
سَوَ سَلا دل مان اُڀاريئن، پيار جي پالوٽ تي.

اک رکين اک ۾ کُتل، دِل سير سيني جو ڪري،
سِر سدائين ٿو رکين، جانب مٺي جي جوٽ تي.

گُل بڻي ڳل جي ڀران، خوشبو سان واسيئن وار وار،
چوڪسي ڏيندو رهين، چندن سان واسِيَل چوٽ تي.

سونهن ۽ سيرت ڏِسي، يا ڪا اَدا الهڙ ڏسي،
گُهوربو اُن جي رهين، هر اوٽ تي ۽ موٽ تي.

نينهن تون يا مينهن تون ۽ يا ڪو ڪيهر شينهن تون،
مُڇ نه موڙيئن ٿو ڪڏهن، ڪنهن ڄام ۽ ڄاموٽ تي.

روح ۾ جنهن دم رچين، مذهب نه منصب ڪو ڏسين،
سِر ڪِيو ڪنهن دم وڃين، ڪنهن سوٽ ۽ ماروٽ تي.

تُون ئي تُون تَن مَن اندر، ٻي نه ٻولي ڪا ٻُجهين،
ٻار ٽانڊا ٻاٻرا ڀل، ڪنهن جي ٻوٽيءَ ٻوٽ تي.

ٿي خليل الله ڪڏهن، آڙاه مان اُڪريو اچين،
روح رب جو ٿي ڪڏهن، سونهن صليبي چوٽ تي.

تون ڪُڏي ڪَربَل ۾ ڪامل، موت جو مهمان ٿِين،
موت کي مارئين مَلهِون، نيزا هڻي نڙگهوٽ تي.

سرمد و منصور سچّل ٿي، ڪُسين ڪُسڪين ئي ڪونه،
گُهور تنهنجيءَ جا گهڻئي، گهاڻا گُهمن هر گهوٽ تي.

سير ساهڙ ڪڏهن، پهڻن مان گذرين ٿي پُنهون،
مينڌرو ٿي موهجين ٿو، ڪاڪ واري ڪوٽ تي.

ٿو لڳئي ليلا جي هٿ سان، زهر زم زم کان لذيذ،
قيس ٿي پيئين ڪَڙو، لرزين نه زهري لوٽ تي.

دولهه دريا خان ۽ دودي سان، تنهنجي دوستي،
ٿي ڳڀا ڳترا ويا ڪئين وڳ وڳهه جي ڪوٽ تي.

هي سڀئي صاحب هئا يا، ڪي هئا نائب مگر،
عشق پهچائي ڇڏيا سي، عرش چوٽان چوٽ تي.

نينهن نرمل نامور ۽ آهي نايابي نسل،
نينهن وڪبو ناهه ڪڏهن، ڪنهن نوٽ تي يا ووٽ تي.

تون اهو پارس پٿر، جنهن کي لڳين سو سونِ ٿئي،
ڪر سخا ”سرويچ“ جي ڪا، هن عُمر اڻ موٽ تي.