بيشڪ بهادر عورتون
هن سنڌ جون سورهيه سدا، بيشڪ بهادر عورتون،
علم وَ ادب واريون اُهي، عاقل اَڪابر عورتون.
هر دؤر ۾ دودي جيئان، سي ديس سان ڪن دوستي،
هي سيرت وَ صورت ڀريون، صالح ۽ صابر عورتون.
تاريخ ۽ تهذيب ۾، آهي سندن ورثو وڏو،
سُونهن ۽ ثقافت کي ته سچ، ڪن ٿيون اُجاگر عورتون.
هردم وطن جي حُب ۾، مهراڻ جيئن مستان سي،
ناموس نيڪي ننگ ۾، نِت نِت نشانبر عورتون.
قومي ڪمن ۾ ڪامڻيون، قربان پنهنجا ڪنڌ ڪن،
هر معرڪو مردن جيئان، سَر ڪن سراسر عورتون.
جِت جان جي بازي لڳي، اُت شان سان شينهن مثل،
بي خوف ٿي ميدان ۾، بيهن برابر عورتون.
هرهڪ ڏکئي ڏينهن تي اُهي، ڀائن سان ڀيچي ڀيچ ٿي،
پنهنجون سسيون ساڻيهه مٿان، ڪن ٿيون نڇاور عورتون.
جيڪو به ميري اک کڻي، ٿو ماڳ مارن جا تڪي،
اُن جا ڇڪي تارا ڪڍن، دم ۾ دلاور عورتون.
ماضي ڪَ توڙي حال ۾، تن جي هڪل ۽ هاڪ آ،
قيدن نه ڪوٽن کان ڪنبن، ڪنهن پر قدآور عورتون.
سي سڀ سندم جيڏيون جيئن ۽ ”سرويچ“ فاتح ٿين،
جيڪي وطن ۽ قوم جون، آهن ثناگر عورتون.