شاعري

ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون

ھي ڪتاب سنڌ جي عوامي شاعر سرويچ سجاولي جي شاعريءَ جو مجموعو آھي. سرويچ سجاولي صاحب جو ھي مجموعو غزلن، نظمن، گيتن، وأين، ڪافين ۽ ڪجھھ محبوب شخصيتن کي ڏنل ڀيٽا وارن شعرن تي مشتمل آھي، جيڪي وقت بوقت سرويچ جي اندر مان اڀري اکرن جي صورت وٺي ڪورن ڪاڳرن تي ظاھر ٿيا. سرويچ سجاولي جي شاعري، سنڌ جي شعور جي علامت، قومي حقن لاءِ اُٿندڙ آواز ۽ طبقاتي ڦُرلُٽ جي خلاف احتجاج جو سگھارو آواز آھي. سندس شاعري ۾ نه رڳو پنھنجي وطن، پر ان جي پورھيتن، ڪمين ڪاسبين، ھارين، نارين، عورتن، ٻارن، ٻڍن، جي اھنجن، ايذائن ۽ سورن جي ڳالھ ڪيل آھي، پر انھن جو درمان به ڏسيل آھي. ۽ بي باڪي ۽ دليريءَ سان پنھنجي حقن کي ڇني وٺڻ جي واٽ به ڏسيل آھي. سرويچ جي شاعري فڪري حوالي سان قومپرست ترقي پسند ۽ جمهوريت پسند فڪر جي ترجماني آھي.
Title Cover of book ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون

آجي سنڌ سڀاڻي هوندي

آجي سنڌ سڀاڻي هوندي

ڏوٿين ڏنديا ڏانٽا آهن، گهوٽن وٽ گهوٻاٽا آهن،
اوچا اوچا ڳاٽا آهن. چُرپُر ۾ چؤواٽا آهن.
چُر پُر ۾ چؤ واٽا آهن، تو سان هڪ هڪاڻي هوندي،
توسان هڪ هڪاڻي هوندي، آجي سنڌ سڀاڻي هوندي.
آجي سنڌ سڀاڻي هوندي، راڻي راڄ ڌڃاڻي هوندي.

کِرڙي کِرڙي کيٽ سمورا، چيٽ سڀيئي ٺٽا آهن،
ماڳ سمورا جهوڪ ۽ مڪلي، سسين جا جت سٽا آهن،
ڪارا سُوئر ڪُهڻ لاءِ قوم جا ڪونڌر ڪَٺا آهن،
ماري تن کي مات ڪبو، جي ماروئڙن جا مَٺا آهن،
دِڙمي دِڙمي دُٻي مياڻي، ڀومي برهاماڻي هوندي،
ڀومي برهاماڻي هوندي، آجي سنڌ سڀاڻي هوندي.
آجي سنڌ سڀاڻي هوندي، راڻي راڄ ڌڃاڻي هوندي.
ڦاٽڪ ڦاٽڪ ٺوڙهي ڦاٽڪ، ٿيندي جڏهن ڪنڌن ڪوٺ،
موري موري کيسانه ۽ ڳوٺ سمورا طيب ڳوٺ،
ماڙي ماڙي روپا ماڙي، ڪوٽ سمورا وڳهه ڪوٽ،
ڪوئي مانگر مڇ نه هوندو، موٽي ايندو مورڙ گهوٽ
موٽي ايندو مورڙ گهوٽ ۽ گهوٽن سان گڏجاڻي هوندي،
گهوٽن سان گڏجاڻي هوندي، آجي سنڌ سڀاڻي هوندي.
آجي سنڌ سڀاڻي هوندي، راڻي راڄ ڌڃاڻي هوندي.

ماڻهو مڙندا ويڙهيون وڙهندا، حق وٺندا هوڪاري،
ليکا چوکا لچن کان هت، لوڪ کسيندا للڪاري،
هارون مارون کاڌيون هت هر حاڪم ظالم هاڪاري،
هيستائين ڪوبه نه سگهيو آهي اسان کي اوڳاري،
اوڳاري مان اُڪتا جي، تن ارڏن جي اڳواڻي هوندي،
ارڏن جي اڳواڻي هوندي، آجي سنڌ سڀاڻي هوندي.
آجي سنڌ سڀاڻي هوندي، راڻي راڄ ڌڃاڻي هوندي.

تو وٽ تنهنجا بم ۽ گولا، وانگين وٽ واهولا هوندا،
تو وٽ توبون تلوارون، ۽ گهوٽن وٽ گُليلا هوندا،
توتي گڏهن وارا آٿر، هيڏانهن پٽڪا چولا هوندا.
توکي چيرڻ ڦاڙڻ جي لا، ڳوٺاڻا سڀ ڳولا هوندا،
هر هڪ ڳڀرو ڳاڙهه اکئي وٽ، ڳوڙها ۽ کانڀاڻي هوندي،
ڳوڙها ۽ کانڀاڻي هوندي، آجي سنڌ سڀاڻي هوندي.
آجي سنڌ سڀاڻي هوندي، راڻي راڄ ڌڃاڻي هوندي.
جاهل جابر جوفيءَ سان، اڄ جوڌن جوٽي آهي جنگ،
توکي لاهڻ ڊاهڻ جو، هي ڍولڻ ڄاڻن ٿا سڀ ڍنگ،
ويرين کان ڪُل واپس وٺبو، پنهنجي دِڙمي پنهنجو دنگ،
ساهه سسي کان پيارو آهي. هر هڪ سلو هر هڪ سنگ،
گهٽي گهٽي کُهنبي هوندي، رستن تي رت ڇاڻي هوندي.
رستن تي رت ڇاڻي هوندي، آجي سنڌ سڀاڻي هوندي.
آجي سنڌ سڀاڻي هوندي، راڻي راڄ ڌڃاڻي هوندي.

ڪوئي اوک ۽ اهنج نه هوندو، عيدون ئي بس عيدون هونديون
دشمن لا دوناليون هونديون، ديس مٺي ڏانهن ديدون هونديون،
ڪوئي ڏک ڏڪار نه هوندو، خوشين جون ته خريدون هونديون، آزاديءَ سان جيئڻ جون هت، آسون جام اميدون هونديون،
مارئي مارئي جي گهر مهندان، ماٽي ۽ مانڌاڻي هوندي،
ماٽي ۽ مانڌاڻي هوندي، آجي سنڌ سڀاڻي هوندي.
آجي سنڌ سڀاڻي هوندي، راڻي راڄ ڌڃاڻي هوندي.

شهر به پنهنجا بحر به پنهنجا، پنهنجا بندر ۽ بستيون،
پنهنجون سوڀون ساکون هونديون، پنهنجون هاڪون ۽ هستيون،
پنهنجا ميل ۽ ميلا هوندا، پنهنجون موجون ۽ مستيون،
واهڻ واهڻ واهه واهه هوندي، واسيل واسن سان وستيون،
”سرويچن“ جي سيم سڄيءَ تي، سوڍن جي سرواڻي هوندي،
سوڍن جي سرواڻي هوندي، آجي سنڌ سڀاڻي هوندي،
آجي سنڌ سڀاڻي هوندي، راڻي راڄ ڌڃاڻي هوندي.