شاعري

ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون

ھي ڪتاب سنڌ جي عوامي شاعر سرويچ سجاولي جي شاعريءَ جو مجموعو آھي. سرويچ سجاولي صاحب جو ھي مجموعو غزلن، نظمن، گيتن، وأين، ڪافين ۽ ڪجھھ محبوب شخصيتن کي ڏنل ڀيٽا وارن شعرن تي مشتمل آھي، جيڪي وقت بوقت سرويچ جي اندر مان اڀري اکرن جي صورت وٺي ڪورن ڪاڳرن تي ظاھر ٿيا. سرويچ سجاولي جي شاعري، سنڌ جي شعور جي علامت، قومي حقن لاءِ اُٿندڙ آواز ۽ طبقاتي ڦُرلُٽ جي خلاف احتجاج جو سگھارو آواز آھي. سندس شاعري ۾ نه رڳو پنھنجي وطن، پر ان جي پورھيتن، ڪمين ڪاسبين، ھارين، نارين، عورتن، ٻارن، ٻڍن، جي اھنجن، ايذائن ۽ سورن جي ڳالھ ڪيل آھي، پر انھن جو درمان به ڏسيل آھي. ۽ بي باڪي ۽ دليريءَ سان پنھنجي حقن کي ڇني وٺڻ جي واٽ به ڏسيل آھي. سرويچ جي شاعري فڪري حوالي سان قومپرست ترقي پسند ۽ جمهوريت پسند فڪر جي ترجماني آھي.
Title Cover of book ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون

پنهنجي نجات سمجهي

پنهنجي نجات سمجهي

مجهول ڏس ته ويٺا، ڏينهن کي رات سمجهي!
تن ساڻ جنگ جوٽيون، پنهنجي نجات سمجهي!

مسڪين جا جي مارا، تن لاءِ موت بنجون،
بخشيون نه بي ضمير کي ڪا، ذات پات سمجهي!

ڪُوپا اُهيئي قائم، رهندا قيام تائين،
ڪَڙڪي ڪِريا جي قهر تي، قلمن کي ڪات سمجهي!

تقدير کي تراشي، ذهنن تان زنگ لاٿم،
پنهنجي تکي قلم کي، رُڪ جو روات سمجهي!

تِن کي خليل بنجي، ڀوري مون ڀور ڪيو آ،
ويٺا هئا جي پاڻ کي، لات و منات سمجهي!

ڦاسي ويا سي ڪيڏي، فتني فتور ۾ اڄ
جيڪي به يار ويٺا، ذاتين کي ڏات سمجهي!

هي جي ڳڀور ڳڀرو، ڳاني ڳڀي ڇڏيندءِ،
ڀُلجين متان تون تن کي، ڇورن جي ڇات سمجهي!

ڪيڏو نه ڀورڙو آ، ڪيڏو نه بي وقوف آ،
ڪيڏار سُر کي ويٺو، بلبل جي بات سمجهي!

ڪيڏو آ ڪوپ ڪُن ۾، ساگر ولوڙجي پيو،
موجن کي ويٺا مورک، مرده ممات سمجهي!

ڇورا وڏيرڪا سڀ، سورن جا پُٽ آهن،
واڇون ڇنو تنهين جون، واڳن جا وات سمجهي!

جُڙتو جمهور ۾ سڀ، جاگيردار ويٺل،
ڀيلي ويا ملڪ ڀولو، پيءُ جي ڌرات سمجهي!

هي جي حرام خورا، نعرانشي جا ڏيئي،
هڙپي ويا حق سارا، هڙ حاصلات سمجهي!

ويرين سان ويڙهه ۾ ميان، سانگو ڪريو نه ساهه جو،
گهوري ڇڏيو سِسِين کي، صدقو زڪوات سمجهي!

ڏاڍو ڪڙو ڪسارو، ويتر وڍي وڌائين،
پيتم جو زهر زلف جو، آبِ حيات سمجهي!

پرواهه نه هاڻ مونکي آهي مرڻ جيئڻ جي،
هيءَ هوءَ دنيا ته مون آ، آبِ حيات سمجهي!

گفتار يار جيءَ تي، جهوما نچان ٽپان پيو،
لالڻ جي لفظ لفظ کي، لتا جي لات سمجهي!

اوڍي چٽن سان چُنري، آرس اڱڻ تي موڙيئين،
ته رب پاڻ پيو هو مُرڪي، ڪا ڪائنات سمجهي!


مُرڪي ته موتيا ۽ موتي به مار کائن،
محبوب محب مهندان، مَلڪن ٿي مات سمجهي!

جُڙتو جمهور جا مون، ڪيئي ڪلام ڳايا،
پيتو مون زهر ان جو، آبِ حيات سمجهي.

ونگن تي ونگ پاتئون، ويتر وڍي وڌائون،
پاتم سوهار زلف جو ڪي زيورات سمجهي.

”سرويچ“ سنڌ جيسين، تيسين حيات هوندس،
پنهنجي وڃڻ وهي مون، ناهي وفات سمجهي!