شاعري

ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون

ھي ڪتاب سنڌ جي عوامي شاعر سرويچ سجاولي جي شاعريءَ جو مجموعو آھي. سرويچ سجاولي صاحب جو ھي مجموعو غزلن، نظمن، گيتن، وأين، ڪافين ۽ ڪجھھ محبوب شخصيتن کي ڏنل ڀيٽا وارن شعرن تي مشتمل آھي، جيڪي وقت بوقت سرويچ جي اندر مان اڀري اکرن جي صورت وٺي ڪورن ڪاڳرن تي ظاھر ٿيا. سرويچ سجاولي جي شاعري، سنڌ جي شعور جي علامت، قومي حقن لاءِ اُٿندڙ آواز ۽ طبقاتي ڦُرلُٽ جي خلاف احتجاج جو سگھارو آواز آھي. سندس شاعري ۾ نه رڳو پنھنجي وطن، پر ان جي پورھيتن، ڪمين ڪاسبين، ھارين، نارين، عورتن، ٻارن، ٻڍن، جي اھنجن، ايذائن ۽ سورن جي ڳالھ ڪيل آھي، پر انھن جو درمان به ڏسيل آھي. ۽ بي باڪي ۽ دليريءَ سان پنھنجي حقن کي ڇني وٺڻ جي واٽ به ڏسيل آھي. سرويچ جي شاعري فڪري حوالي سان قومپرست ترقي پسند ۽ جمهوريت پسند فڪر جي ترجماني آھي.
Title Cover of book ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون

تون ڇو ٿو ٿينءَ دلگير پرين

تون ڇو ٿو ٿينءَ دلگير پرين

او مارن جا منٺار وطن، تو ڇو ٿو ٿئين دلگير پرين!
هي تُنهنجي مٽيءَ مان پيا مورن، ڪيهر ڪيهر ٻار سوين،
هي ڏاڍائي جا ڏاري وِجهندا، ڏونگر ڏونگر ٻار سوين،
هي تو تان ڏيندا ڪنڌڙا ڪوري، ڪونڌر ڪونڌر ٻار سوين.
هي دليئون تنهنجا ديوانا، او! دودن جا دلدار وطن،
آباد هُجين آزاد هُجين، او! مارن جا منٺار وطن!
تون ڇو ٿو ٿئين دلگير پرين.

هي ڳاڙها ڳاڙها ڳڀرو ڳڀرو، مرد هلن پيا مولهين سان،
هي رندي راڻا روزانو پيا، کيڏن رت جي هولين سان،
۽ هيڏا هيڏا ٽانڊا آهن، ٽولين، ٽولين، ٽولين سان،
ڪو ڪين دٻائي سگهيو آهي، تن کي جنگين گُرزن گولين سان،
هي گولين تي ٿا گيت چوَن، هي جنگين جا جونجهار وطن!
آباد هُجين آزاد هجين، او! مارن جا منٺار وطن!
تون ڇو ٿو ٿئين دلگير پرين.

هي ڳاٽ اُچي سان ڳائين ٿا، ڏس ڳالهيون تنهنجون ڳوٺن ۾،
هي پڙ جا پاڏا پير نه هٽندا، پلجن پيا جي پوٺن ۾،
ڪو، ڪيڏا ڀي تِن سور ڏئي، ۽ ساڙي سختين سوٺن ۾،
هي ڪيڏاري کي ڪُڇندا رهندا، قيد هُجن ڀل ڪوٺن ۾،
هي چَنگن ۾ ڏس رنگ ڀريا، سڀ تحريرون تلوار وطن!
آباد هُجين آزاد هُجين، اوٰ! مارن جا منٺار وطن!
تون ڇو ٿو ٿئين دلگير پرين.

هي لاٽون ٻاري واٽون ڪڍندا، چوڌاري چمڪاٽ ڪندا،
هي ڪوڏيا تنهنجي قاتل تي، بس! ڪاتن جا ڪڙڪاٽ ڪندا،
جي دشمن گوليون ڇوڙيندو، هي بمن جا ڀڙڪاٽ ڪندا،
جو تنهنجو ويري هوندو تنهن تي گولين جا گهوگهاٽ ڪندا.
هي سرڙا ڏيندا سوڀن تي، سڀ ساٿيئڙا سالار وطن!
آباد هُجين، آزاد هجين او! مارن جا منٺار وطن!
تون ڇو ٿو ٿئين دلگير پرين.

هي ڏس تنهنجي ساک رکڻ لئه، سوڍين سوڍا پُٽ ڄڻيا،
هي ڏس تنهنجي ساک رکڻ لئه، ٻاگهين دودا پُٽ ڄڻيا،
هي ڏس تنهنجي ساک رکڻ لئه، جيڏين جوڌا پُٽ ڄڻيا،
هي ڏس تنهنجي ساک رکڻ لئه، ادڙين ارڏا پُٽ ڄڻيا،
هي پينگهن ۾ ئي پُٽڙن سان، ڪن گولين جي گُفتار وطن!
آباد هجين آزاد هجين، او! مارن جا منٺار وطن!
تون ڇو ٿو ٿئين دلگير پرين.

هي ڏس هيڏيون هيڏيون لاٽون، ٻلوانن جون ٻاريل سڀ،
هي ڏس هيڏيون هيڏيون ڇپون، ڳوٺاڻن جون ڳاريل سڀ،
هي ڏس هيڏا هيڏا آمر، ماروئڙن جا ماريل سڀ،
هي ڏس تنهنجي ڏوٿيئڙن جا، ڏيهن ۾ ڏهڪار وطن،
آباد هُجين، آزاد هُجين، او! مارن جا منٺار وطن،
تون ڇو ٿو ٿئين دلگير پرين.

هي ڏس هيڏو سارو آهي، شهبازن جو شور ئي شور،
هي ڏس هيڏي ساري آهي، جهانگيئڙن ۾ جهوران جهور،
هي ڏس هيڏو سارو آهي، زور زبر تي زوران زور،
هي ڏس ڀاڳيا جاڳيا جاني، پَڪ ته مرندا تنهنجا چور،
ها! پَڪ ته مرندا تنهنجا چور، ۽ مرندا چوڪيدار وطن،
آباد هُجين آزاد هُجين، او! مارن جا منٺار وطن،
تون ڇو ٿو ٿئين دلگير پرين.

تون شاهه ڀٽائي، سچل جو آن، ديس به دلبر ديس الا،
تون جهڙو آهين ديس دلاور، تهڙو وڻندڙ ويس الا،
ها! تهڙو وڻندڙ ويس الا، هي اجرڪ لُنگي کيس الا،
هي اجرڪ لُنگي کيس الا، بس! اوڍيو گهوٽ گهميس الا،
تون ”سرويچن“ سرمستن، جهڙن باغين جو ڀنڊار وطن،
آباد هُجين آزاد هُجين، او! مارن جا منٺار وطن،
تون ڇو ٿو ٿئين دلگير پرين.