شاعري

ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون

ھي ڪتاب سنڌ جي عوامي شاعر سرويچ سجاولي جي شاعريءَ جو مجموعو آھي. سرويچ سجاولي صاحب جو ھي مجموعو غزلن، نظمن، گيتن، وأين، ڪافين ۽ ڪجھھ محبوب شخصيتن کي ڏنل ڀيٽا وارن شعرن تي مشتمل آھي، جيڪي وقت بوقت سرويچ جي اندر مان اڀري اکرن جي صورت وٺي ڪورن ڪاڳرن تي ظاھر ٿيا. سرويچ سجاولي جي شاعري، سنڌ جي شعور جي علامت، قومي حقن لاءِ اُٿندڙ آواز ۽ طبقاتي ڦُرلُٽ جي خلاف احتجاج جو سگھارو آواز آھي. سندس شاعري ۾ نه رڳو پنھنجي وطن، پر ان جي پورھيتن، ڪمين ڪاسبين، ھارين، نارين، عورتن، ٻارن، ٻڍن، جي اھنجن، ايذائن ۽ سورن جي ڳالھ ڪيل آھي، پر انھن جو درمان به ڏسيل آھي. ۽ بي باڪي ۽ دليريءَ سان پنھنجي حقن کي ڇني وٺڻ جي واٽ به ڏسيل آھي. سرويچ جي شاعري فڪري حوالي سان قومپرست ترقي پسند ۽ جمهوريت پسند فڪر جي ترجماني آھي.
Title Cover of book ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون

اي منهنجي وطن جا ماڻهو جاڳو!

اي منهنجي وطن جا ماڻهو جاڳو!

او! ننڊ پيل، غفلت ۾ ٻُڏل، ويو سج لڙي ڪو سڏ ته ڏيو،
هي وقت وڏي آواز اوهان کي، روز پُڪاري يار پيو،
ڇا؟ ٻاٽ، انڌيرن ۾ به اوهان کي، ڪونه کپي ڪو لاٽ ڏيو،
هٿ پير هڻو، ۽ ڪنڌ کڻو، ڪيڏو نه اجايو وقت ويو،
ڪجهه اک پٽيو، اوڳا نه ٿيو، هو ماڻهن جا معيار ڏسو!
اي! منهنجي وطن جا ماڻهو! جاڳو! قومن جا ڪردار ڏسو!

ڪا سوچ ڪريو، ڪُجهه سمجهه رکو، دل صاف رکو، انصاف ڪريو،
ڪجهه پاڻ ڏسو، پنهنجن کي ڏسو، ڪُجهه ديد ڪريو ۽ ڌيان ڌريو،
اتحاد رکو ۽ عزم ڪريو، ڏُک جو به اچي، سو خوب ڏريو،
هن حال مٿي، هي ڏيهه سڄو، ڪوٺي ٿو اسان کي صاف چريو،
هي تيز ڇُريون، تن پنهنجي مٿي، هي تاءَ تکا تڪرار ڏسو،
اي! منهنجي وطن جا ماڻهو! جاڳو! قومن جا ڪردار ڏسو!

هي پنهنجا اُٿي پيا پاڻ وڙهو، لالچ تي مرو ۽ روز لڙو،
ڇا سمجهه اوهان جيءَ کي ته ٿيو، صدبار پيا ناحق سڙو،
ڇو پنهنجي بنائي پاڻ ڇڏي ٿو يار حياتي زهر ڪڙو،
هي ماڳ هٿن سان ڪين ڪريو، بٽيءَ جو دڙو، موهن جو دڙو،
ڇا واءُ وريو، ڇا وقت وهيو، ڪجهه وقت سندي رفتار ڏسو
اي! منهنجي وطن جا ماڻهو! جاڳو! قومن جا ڪردار ڏسو!!

هي پنهنجي اڳيان دُنيا ۾ ڏسو! ڇا، ڇا پيو وهي ۽ ڇا پيو ٿئي،
هر قوم وکون اڳتي پئي کڻي، ۽ پنهنجي وطن تان ساهه ڏئي،
هر قوم وطن جي ويرين جو، چم، ماس پٽي ۽ رت پيئي،
سچن کي سڃاڻي ڪين سگهي، جا قوم، اُها ڇاڪاڻ جئي،
غافل نه ٿيو، ڪجهه غور ڪريو، غُل نئون پيو ڪري غدار ڏسو!
اي! منهنجي وطن جا ماڻهو! جاڳو! قومن جا ڪردار ڏسو!

ها، هو به اَٿوَ انسان جنهي، جا چنڊ مٿي اقدام رسيا،
ها هو به اَٿوَ انسان جنهي، سَوَ ڏاڍ ستم جا ديوَ دسيا،
ها، هو به اَٿوَ انسان جنهي، اظلام زمان جا تاج کسيا،
ها، هو به اُهي انسان وڃي، مقصد کي پُڳا، منزل کي رسيا،
ها هو به اُهي انسان جنهي، مڪار ڪيا، مسمار ڏسو!
اي! منهنجي وطن جا ماڻهو! جاڳو! قومن جا ڪردار ڏسو!

ها، هو به اُهي انسان جنهي جي هاڪ سڄيءَ دُنيا تي هلي،
هر پار جنهي جو آهه حڪم، چوڌار سندن چرچو ٿو چلي،
ڪوهسار سندن قبضي ۾ ٿيا، طوفان سندن نا، جهڙپ جهلي،
بيدار تنهي جا ڀاڳ سدا، سڀ ٻار سندن بيباڪ بلي،
خوددار اُهي، خوشحال سدا، برڪت جا وٽن ڀنڊار ڏسو!
اي! منهنجي وطن جا ماڻهو! جاڳو، قومن جا ڪردار ڏسو!

آباد اُهائي قوم رهي، بي غرض هُجن اڳوان جتي،
آزاد اُهيئي مُلڪ رهن، با فرض هُجن انسان جتي،
شاداب اُهيئي شهر ٿين، ”رُشوت نه هُجي ايمان“ جتي،
گُلزار اُهيئي ڳوٺ ٿين انصاف سندا ارڪان جتي
دنيا جي حَسين مُلڪن جا اوهين، سلطان ڏسو سالار ڏسو!
اي! منهنجي وطن جا ماڻهو! جاڳو، قومن جا ڪردار ڏسو!

هي وقت سمهڻ جو ڪين اَٿَوَ، هي وقت وڙهڻ جو ناهه ميان،
هن وقت ٿيو سڀ ڀاءُ سَڳا، هلجي ته ڪنهن هڪڙي جي پٺيان،
جو مرد هجي مهمير سدا، عظمت جا هجن جنهن منجهه نشان،
جو ڏيهه سڄي ۾ ڏاهو هُجي، اُن کي ئي ڪريو اڳواڻ اوهان،
سي مرد مجاهد آڻيو، جن ۾ انساني آثار ڏسو!
اي! منهنجي وطن جا ماڻهو، جاڳو قومن جا ڪردار ڏسو!

جنهن ڪار منهيَن، بي ننگ بڻي، هي ملڪ مٺو، نيلام ڪيو،
جنهن سوداگر هن قوم سڄيءَ کي، ڪوڏين تي قتلام ڪيو،
جنهن ڏيهه سڄي ۾ ڏوٿين کي، بدحال ڪيو بدنام ڪيو،
جنهن نحس نماڻن ماڻهن کي، ناچار ڪيو، ناڪام ڪيو،
اڄ سو ته وري سُرَ ساڻ وڏا، نعرا پيو هڻي نروار ڏسو،
اي! منهنجي وطن جا ماڻهو! جاڳو! قومن جا ڪردار ڏسو!

”سرويچ“ ٿيو، سُڌ سمجهه رکو، سر قوم مٿان قربان ڪريو،
هن ديس مٺي دلدار سَندو، دُنيا ۾ مٿاهون مان ڪريو،
هي جهنگ جبل، بر ڳوٺ ڳليون، بُستان ڪريو، بُستان ڪريو،
باهوش ٿيو، بي خوف ٿيو، حرفت سان جهان حيران ڪريو،
هر فرد کڻي، بس تيز وکون، نا سيڄ ڏسو، نا، دار ڏسو!
اي! منهنجي وطن جا ماڻهو! جاڳو! قومن جا ڪردار ڏسو!