نيون سوڍيون نوان سوڍا
سڄي ڀونءَ ڀيلجي ويئي، بچين شال او ڀٽائي شاهه
اسان جي آسري سڙندي، پيو سورن ۾ سدائي شاهه
اسين توسان ڪنداسين ڪين، هرگز ڪا چڱائي شاهه
اسان جي نس نس ۾ بس، ڀريل آهي برائي شاهه
اسين پنهنجي افعالن تي، ڪريون اُلٽيون ۽ اوڪارا،
ٻُڌايان حال توکي ڇا، ڀٽائي گهوٽ ڀٽ وارا.
اسين هڪٻئي سندا ويري، اسين مارن سندا مارا
اسان جي ئي افعالن سان، ويا وڪجي ٻنيون ٻارا
اسين پنهنجي افعالن سان، وطن پنهنجي ۾ ويچارا
اسان ئي تنهنجي ڏوٿين کي، ڏيکاريا ڏينهن جا تارا
اسان پنهنجي ئي عملن سان، ڪيا هٿ پير مُنهن ڪارا
ٻُڌايان حال توکي ڇا، ڀٽائي گهوٽ ڀٽ وارا.
اسان جو سنڌڙيءَ ۾ ڇا؟ نه سمجهون تنهنجي واين مان
اسان کي مرض ”مان مان“ جو، نه ڄاڻون ڪنهن جي ڄاين مان
اسين ڪوڙا فريبي ٺڳ، ڀريل آهيون براين مان
تون ڪڍندين سنڌ کي ڪيسين پيو، هاڃيڪار هاين مان
اسين دلال ڌارين جا، اسين پنهنجن سندا مارا
ٻُڌايان حال توکي ڇا، ڀٽائي گهوٽ ڀٽ وارا.
اسان کي جي ملي ڪُرسي، ته تنهنجا هڏ به ڏيئي ڇڏبا
سِڪن ڪوڙن ۽ کوٽن تي، سسئي جا سڏ به ڏيئي ڇڏبا
مَٿيري مورڙي جا ماڳ مياڻيون، مڏ به ڏيئي ڇڏبا
سندءِ محبوب مارئي جا، هي ڏوٿي ڏڏ به ڏيئي ڇڏبا
اسان لالچ ۽ لوڀن تي، وڌا لڄُن ۾ لابارا
ٻُڌايان حال توکي ڇا، ڀٽائي گهوٽ ڀٽ وارا.
اکيون پوري انڌا ٿي ٿا، ڪٽيون هڏ ماهه مارن جا
صفا صورت بگهڙ جي ۾، سُڪايون ساهه مارن جا
ٽڪي پئسي جي ٽيڳر تي، ڪڍون ٿا لاهه مارن جا
ڪري ڀونگا ڇڏيون ٿا ڀينگ، ڏس بي واهه مارن جا
اسين ڌاڙيل قاتل ۽ اسين بدهوش بدڪارا
ٻُڌايان حال توکي ڇا، ڀٽائي گهوٽ ڀٽ وارا.
ڪڏهن تن کي ٿا مارايون، ڪنهن موذيءَ مير جي بڇ تي
پکا تن جا پٽايون ٿا، ڪنهن پاپيءَ پير جي بڇ تي
ڪڏهن ڪنهن رئيس رهزن ۽ لُچ لوفر ٽير جي بڇ تي
ڪڏهن ڪهن ڪار مُنهين ۽ ڪُتي خنزير جي بڇ تي
ڪرايون ٿا ڪنگالن کي، اسين ڪيهون ۽ ڪوڪارا
ٻُڌايان حال توکي ڇا، ڀٽائي گهوٽ ڀٽ وارا.
اسين سڀ ڇڙوڇڙ آهيون، اسان ۾ ڪا ٻڌي ڪانهي
اسان جي منزلن پاسي، اڃا ڪا وک وڌي ڪانهي
اسان آزاد جيئڻ جي، اڃا لذت لڌي ڪانهي
اسان پنهنجي ئي چُلهه تي ڪا، ڪُني پنهنجي رڌي ڪانهي
اسين دشمن جي در اڳيان، ڪريون ٿا ناچ نچڪارا
ٻُڌايان حال توکي ڇا، ڀٽائي گهوٽ ڀٽ وارا.
جتي جهانگين جون جهونگارون، اتي ٿا جهنگ ٻلا ڏسجن
جتي کيتن ۾ کاهوڙي، اتي ٿا کوٻلا ڏسجن
گهمن جنهن گام ۾ گوهر، اتي ٿا گرگلا ڏسجن
هي ڀاڳيا ڀونءَ ڌڻي بلڪل، بنهه ٿا بي بلا ڏسجن
وطن پنهنجي ۾ ويا بنجي هي ويڳاڻا ۽ ويچارا
ٻُڌايان حال توکي ڇا، ڀٽائي گهوٽ ڀٽ وارا.
اسين ويڙهاڪ قومن ۾ ڪيئن، پنهنجو ڪنڌ کڻنداسين
اسين پنهنجي هوئڻ جي هت، ڀلا ڇا هام هڻنداسين
اسين طوفان ٽاريون ڪيئن، اسين ڪک پن ٿي ڇڻنداسين
اسين خود سان سچا ناهيون، ته توکي ڪيئن وڻنداسين
اسين ويڪو وکر آهيون، اسين هڙ ٻوڙ هچارا
ٻُڌايان حال توکي ڇا، ڀٽائي گهوٽ ڀٽ وارا.
اسين ڀالا نه هڻنداسين، وجهي ڀاڪر نه وڙهنداسين
مُٺيون ڀيڙي ئي ڀڄنداسين، نه لوڻون پُٺ تي هڻنداسين
اسين هيڻن مٿي حاوي ۽ ڏاڍن ڀر ڏڪنداسين
جي گُهرندي سنڌڙي سِسيون، ته لاڻن منجهه لڪنداسين
اسان سر تي کنيا آهن، خوارين جا وڏا کارا
ٻُڌايان حال توکي ڇا، ڀٽائي گهوٽ ڀٽ وارا.
اسين پاڻيءَ جي وارن تان، جنگيون جهيڙا ڪرڻ وارا
اسين ڇانهين ۽ گدرن تان، بنهه مانجهي مرڻ وارا
اسين ڪُڪڙن جي ويڙهين تي، وڏا ڌرڻا ڌرڻ وارا
ڪنهن قومي ڪاڄ جي سڏ کان، سدائين وئون وڃڻ وارا
اسين ڍونڍن جي ڍڳن تي، ڏيون لامارن تي لامارا
ٻُڌايان حال توکي ڇا، ڀٽائي گهوٽ ڀٽ وارا.
خوشامد خاڪي ورديءَ جي، اسان جو خاص ڌنڌو آ،
اسان جو هر وڏيرو، عشق اُن ۾ ٿي ويو انڌو آ،
هي رشوت خور ڪامورو به ڏس، ڪيڏو نه گندو آ،
اسان جي سوچ ۽ سياست، ڦرڻ مارڻ جو ڦندو آ،
اسين پنهنجي ئي نسلن لا، ٿياسين نانگ ڄڻ ڪارا،
ٻُڌايان حال توکي ڇا، ڀٽائي گهوٽ ڀٽ وارا.
پُڇان ٿو دوستن کان مان، ته يارو ڇا ڪرڻ گهرجي،
يا ههڙي حال ۾ ئي پيو، جڏن وانگي جيئڻ گهرجي،
ٿڪن کي ٿوڀ ڏيڻي آ، ته ٿڙڪو ڪو ٿيئڻ گهرجي،
مرڻ مارڻ سندو مٺڙا، ممڻ بلڪل مچڻ گهرجي،
تڏهن مُلڪن ۾ مڃباسين، ته ماڻهو هي به مڻيارا،
ٻُڌايان حال توکي ڇا، ڀٽائي گهوٽ ڀٽ وارا.
ٺلهن ڪوڙن ٻٽاڪن مان، وريو ناهي نڪي ورندو،
اڃا هي ڏاڍ جو ڏونگر، ڏريو ناهي نڪي ڏرندو،
رڳو ڳالهين منجهان ٻارڻ، ٻريو ناهي نڪي ٻرندو،
اڃا هٿ دئوس دشمن جو، ٺريو ناهي نڪي ٺرندو،
تنهن خر کي کلا ٺوڪي، ڪريون هٿ کيج کلڪارا،
دعا ڪج گهوٽ ڀٽ وارا، دعا ڪج گهوٽ ڀٽ وارا.
امائن جيجلن کي ڪي، ڄڻڻ گهرجن نوان دودا،
سونهاري سنڌ کي گهرجن، نيون سوڍيون نوان سوڍا،
هجن غيّور جيڪي ڪن، سرن جا صدق سان سودا،
ڄمن هن سنڌ ڌرتي تي، سچيون جوڌيون سچا جوڌا،
ته پوءِ ماڳ کي ماڻي، ٿيون ”سرويچ“ سوڀارا،
دعا ڪج گهوٽ ڀٽ وارا، دعا ڪج گهوٽ ڀٽ وارا.