تنهنجي شهر ۾
اوچتي اڄ دل اڙي، اڻڄاڻ تُنهنجي شهر ۾.
پاڻهي پنهنجو وڃايم، پاڻ تُنهنجي شهر ۾.
هوت هيري هار جيئن يا مينهن جا ماما چوان،
لعل ماڻڪ، موتين جي، کاڻ تُنهنجي شهر ۾.
منهن مبارڪ نيڻ نرمل، نور تن جي منجهه نراڙ،
نڪ ڪنڍا ۽ لعل لب، لالاڻ تُنهنجي شهر ۾.
سج جا هي سوجهرا يا سينڌ سينگاري پرين،
يا ته چوڏهيئن چنڊ ڪئي، چانڊاڻ تُنهنجي شهر ۾.
وات مُکڙي ڏند موتي، ڳل حِنا کان ڳاڙها،
صوف کان وڌ صاف سيني، ساڻ تُنهنجي شهر ۾.
وار ويڙهيل، زهر ڀريل، چيلهه تي چوٽا ڦرن،
ٿا ڏسڻ سان ير پون، سوَ ڏاڻ تُنهنجي شهر ۾.
سرؤ قد سهڻا سڌا ۽ ڪونج ڪنڌ ڪنڍڙا ڀرون،
حُسن وارن جا اهي، اهڃاڻ تُنهنجي شهر ۾.
چيلهه چهبڪ جيئن وري ۽ بت بلورن جيئن بکي،
ري اجل آهي اجل، پڪ ڄاڻ تُنهنجي شهر ۾.
لاڏ لاکيڻن لکي ۽ لوڏ تن جي لک لهي،
ٽور مورن کان ڪثر، سُنهن ساڻ تُنهنجي شهر ۾.
مرڪ سان ڪن ملڪ معطر، موتئي جي موٽ پڻ،
کل سندن ۾ خوب آ، سرهاڻ تُنهنجي شهر ۾.
هر نِگهه نشتر سندن هر گُهور گُرزن کان وڌي
هر گهڙي آ موت جي، مانڍاڻ تُنهنجي شهر ۾
تير بڻڇيون تيز ڀالا، ڪان تن وٺ ڪيترا،
هر طرح بس جنگ جا، اڳواڻ تُنهنجي شهر ۾.
جيئن ٿا شاهي شهر ۾، ڪن ڪوس ڪاسائي گهڻو،
ان طرح هر روز آ، رت ڇاڻ تُنهنجي شهر ۾.
پاڙ کان جيئن وڻ کي واڍو ٿو وڍي بس ان جيان،
وِرهه وارن جا ٿا وڍ جن، واڻ تُنهنجي شهر ۾.
مست ماڻن ۾ سدا، هر مهل تي مغرور هو،
ڪين ڪنهن جي ٿا ڪڍن، سي ڪاڻ تُنهنجي شهر ۾.
ناز نخرا ٽهڪڙا ۽ ڀوڳ چرچا ڇا چوان،
زندگي زنده دلي، هر ٽاڻ تُنهنجي شهر ۾.
حُسن ۾ حورن پَرين جي، حُج هڪ ڌڪ سان ڀڄي،
موتين جا مون ڏٺا هئا، ماڻ تُنهنجي شهر ۾.
سيم تن صاحب حيا، ”سرويچ“ آهن سخت دل،
عاشقن کي ٿا مڃائن، آڻ تُنهنجي شهر ۾.