ساجن هڪڙو تون ئي تون
اُڀ ڀُونءَ جي اسرارن ۾، بس ساجن هڪڙو تون ئي تون،
پڙهيم پٽين پارن ۾، بس ساجن هڪڙو تون ئي تون.
هُو هُو جي هونگار ۾، سج ۽ چنڊن تارن ۾،
اذانن اذڪارن ۾، بس ساجن هڪڙو تون ئي تون.
پوڙهن جوانن ٻارن ۾، ۽ ساون ساون ٻارن ۾،
۽ اَن سان ڀريل ٻارن ۾، بس ساجن هڪڙو تون ئي تون.
کڙندڙ ٽڙندڙ تارن ۾، ۽ يڪتاري جي تارن ۾،
تن جي تندن تارن ۾، بس ساجن هڪڙو تون ئي تون.
ڳيرن جي ڳٽڪارن ۾، ۽ ڪونجن جي ڪُڻڪارن ۾،
ڀونئرن جي ڀُڻڪارن ۾، بس ساجن هڪڙو تون ئي تون.
سوچن ۾ افڪارن ۾، ۽ ڳورن ڀُورن ڪارن ۾،
جنسن ۽ جنسارن ۾، بس ساجن هڪڙو تون ئي تون.
سهڻن سبز نظارن ۾ ۽ ولين ۾ وڻڪارن ۾،
غنچن ۽ گلزارن ۾، بس ساجن هڪڙو تون ئي تون.
مرڪن ٽهڪن کلڪارن ۾، کيجن خوشين کينڪارن ۾،
لولين جي للڪارن ۾، بس ساجن هڪڙو تون ئي تون.
واهوندن ۽ وسڪارن ۾، هيرن ۾ هٻڪارن ۾،
ڪڪرن ڪارن ڪارن ۾، بس ساجن هڪڙو تون ئي تون.
شعراءَ جي اشعارن ۾، ۽ اَدبا جي شهپارن ۾،
فنڪارن فن پارن ۾، بس ساجن هڪڙو تون ئي تون.
”سرويچن“ ۽ سچارن ۾، مهميرن ۽ مهندارن ۾،
ماڻهن مڻيادارن ۾، بس ساجن هڪڙو تون ئي تون.