جَتن کان ته مونکي، نهَ جيڏيون جهَليوڙي.
پُڄان مَنَ پنهونءَ کي، وَڃي ڊوڙي ڊوڙي.
هي ڀَنڀور وَرَ ري، بُرو پيئي ڀانيان،
پَٽولا نه پايان، کَٽون هَنڌ کانئيان،
وِرههَ آهه مُنهنجي، هتي دِل وِلوڙي،
جَتن کان ته مونکي، نه جيڏيون جَهليوڙي.
وِهان هوتَ ڌاران، اِهو وَڙِ نهَ آهي،
وَڃان ڪيچ ڪاهي، هِتي هاڻ ڇاهي؟
ٿِئي ڀَل ته ڇُلڻا، ڇَپَر منجهه ڇوڙي،
جَتن کان ته مونکي، نهَ جيڏيون جَهليوڙي.
بِرهه باهه ٻاري، وَڌي بيقراري،
ڏِسان جَلد آري، لَهي انتظاري،
گهُٽي پَئي نِڙيءَ کي، سندي نينهَن نوڙي،
جَتن کان ته مونکي، نهَ جيڏيون جَهليوڙي.
اَچي هوتِ حامي، ته ”سرويچ“ ٿيندو،
وَٺي نال نيندو ۽ گولي گڏيندو.
ڪَندو پاڻ سائين، سَڄڻ سان سَجوڙي،
جَتن کان ته مونکي، نهَ جيڏيون جَهليوڙي.