شاعري

ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون

ھي ڪتاب سنڌ جي عوامي شاعر سرويچ سجاولي جي شاعريءَ جو مجموعو آھي. سرويچ سجاولي صاحب جو ھي مجموعو غزلن، نظمن، گيتن، وأين، ڪافين ۽ ڪجھھ محبوب شخصيتن کي ڏنل ڀيٽا وارن شعرن تي مشتمل آھي، جيڪي وقت بوقت سرويچ جي اندر مان اڀري اکرن جي صورت وٺي ڪورن ڪاڳرن تي ظاھر ٿيا. سرويچ سجاولي جي شاعري، سنڌ جي شعور جي علامت، قومي حقن لاءِ اُٿندڙ آواز ۽ طبقاتي ڦُرلُٽ جي خلاف احتجاج جو سگھارو آواز آھي. سندس شاعري ۾ نه رڳو پنھنجي وطن، پر ان جي پورھيتن، ڪمين ڪاسبين، ھارين، نارين، عورتن، ٻارن، ٻڍن، جي اھنجن، ايذائن ۽ سورن جي ڳالھ ڪيل آھي، پر انھن جو درمان به ڏسيل آھي. ۽ بي باڪي ۽ دليريءَ سان پنھنجي حقن کي ڇني وٺڻ جي واٽ به ڏسيل آھي. سرويچ جي شاعري فڪري حوالي سان قومپرست ترقي پسند ۽ جمهوريت پسند فڪر جي ترجماني آھي.
Title Cover of book ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون

عمر آهي ڪوٽن ۾، منهنجو ڪُڄاڙو!

عمر آهي ڪوٽن ۾، منهنجو ڪُڄاڙو!
ڏسان شل وڃي، آءُ پنهوارن جو پاڙو!

وساريان نه وانگي، وطن ويڙهه واڙيون،
لڳن تنهنجي ماڙين کان مون کي اُماڙيون،
سبيل ساهه سانگين سان سوگهو ستاڙو!
عمر آهي ڪوٽن ۾ منهنجو ڪُڄاڙو!

سندم سيڻ سانگي ته سادا سونهارا،
نه ڪنهن جيءَ ۾ آهن هو وانگي ويچارا،
هنيئي ڇو هچارا، ڌنارن جو ڌاڙو!
عمر آهي ڪوٽن ۾ منهنجو ڪُڄاڙو!

نه وسرن ٿا مون کي، منڌي نيٽا ماٽيون،
پنهوارين سان پيئندس جهڻيون جام گهاٽيون،
آهيان قيد ڪُلفن اندر ڏينهن ڏهاڙو!
عمر آهي ڪوٽن ۾ منهنجو ڪُڄاڙو!

ڏٺم ننڊ ۾ رات ”سرويچ“ سانگي،
وٺي ڪر ويا ٿم وطن پنهنجي وانگي،
پيان کير پيئي لٿم روڄ راڙو!
عمر آهي ڪوٽن ۾ منهنجو ڪُڄاڙو!