شاعري

ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون

ھي ڪتاب سنڌ جي عوامي شاعر سرويچ سجاولي جي شاعريءَ جو مجموعو آھي. سرويچ سجاولي صاحب جو ھي مجموعو غزلن، نظمن، گيتن، وأين، ڪافين ۽ ڪجھھ محبوب شخصيتن کي ڏنل ڀيٽا وارن شعرن تي مشتمل آھي، جيڪي وقت بوقت سرويچ جي اندر مان اڀري اکرن جي صورت وٺي ڪورن ڪاڳرن تي ظاھر ٿيا. سرويچ سجاولي جي شاعري، سنڌ جي شعور جي علامت، قومي حقن لاءِ اُٿندڙ آواز ۽ طبقاتي ڦُرلُٽ جي خلاف احتجاج جو سگھارو آواز آھي. سندس شاعري ۾ نه رڳو پنھنجي وطن، پر ان جي پورھيتن، ڪمين ڪاسبين، ھارين، نارين، عورتن، ٻارن، ٻڍن، جي اھنجن، ايذائن ۽ سورن جي ڳالھ ڪيل آھي، پر انھن جو درمان به ڏسيل آھي. ۽ بي باڪي ۽ دليريءَ سان پنھنجي حقن کي ڇني وٺڻ جي واٽ به ڏسيل آھي. سرويچ جي شاعري فڪري حوالي سان قومپرست ترقي پسند ۽ جمهوريت پسند فڪر جي ترجماني آھي.
Title Cover of book ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون

امام انقلاب جا

امام انقلاب جا

وڌو وڌو اي سنڌيو، اُمام انقلاب جا!
اوهان کي سنڌ ٿي ڏئي، سلام انقلاب جا!

ٿا ڳوٺ ڳوٺ مان اچن، ٿا گهيڙ گهاٽ تي نچن،
پيا پوک پوک ۾ پچن، پيام انقلاب جا!
وڌو وڌو اي سنڌيو.

ٿو ٻار ٻار سان ڪري، ٿي نار نار سان ڪري،
ٿو يار يار سان ڪري، اَجام انقلاب جا!
وڌو وڌو اي سنڌيو.

هي مڪتبن منجهان لِکن، سخن ورن ڪنان سکن،
نوان نوان نڪور ڪي، نظام انقلاب جا!
وڌو وڌو اي سنڌيو.

اُهو به وقت پيو اچي، وڄائبا جڏهن هتي،
وڏا ڪي دڦ دهل ۽، دمام انقلاب جا!
وڌو وڌو اي سنڌيو.

جڏهن ته چنگ چوربا، جڏهن ڪي سر گهوربا،
تڏهن ته تنگ توربا، تمام انقلاب جا!
وڌو وڌو اي سنڌيو.

هو سوريون سنوارجن، هي ساٿ پيا سلهاڙجن،
اِهي ته سڀ اٿئي ميان، انعام انقلاب جا!
وڌو وڌو اي سنڌيو.
وڌي وڌي ٻَڌيون ڪجن ۽ ڇاتيون سڌيون ڪجن،
تڏهن ڇڪي اڳيان ڪبا، ايام انقلاب جا!
وڌو وڌو اي سنڌيو.

هي سُر سِراڻ چاڙهبا، هي راڳ سڀ رواتبا،
پو ماڻبا ويهي مزه، مدام انقلاب جا!
وڌو وڌو اي سنڌيو.

هتي جا سِر اڏيون پُڇن، لهو ڏيئڻ جي لا لُڇن،
هتي جا ڪيئي ڪوي ڪُڇن، ڪلام انقلاب جا!
وڌو وڌو اي سنڌيو.

وکون کڻون وڌون پيا، ۽ غير کي ٻَڌون پيا،
سگهو ئي سَر ڪبا مڙئي، مقام انقلاب جا!
وڌو وڌو اي سنڌيو.

ڇا هٺ آ هٽون نٿا، کَٽون پيا کٽُون نٿا،
وجهون پيا لُنب لُنب کي، لغام انقلاب جا،
وڌو وڌو اي سنڌيو.

وڏا هي ڏاڍ ڏاريا، ۽ ڌاريان ڌڪاريا،
سوين ته سج اُڀاريا، عوام انقلاب جا!
وڌو وڌو اي سنڌيو.

”سجاولي“ سچاولي، اٿو ڪري علي علي،
دنيا ٻُڌي سُڻي وٺي، ڌڙام انقلاب جا!
وڌو وڌو اي سنڌيو.