سِريون سوريءَ لئي سينگاري
سونهاري سنڌ جي ڌرتي، ڄڻيا لک لال لاثاني!
ويا جي موت کي ماري، مرڻ کي ڪيئون فنا فاني!
ڇڏي سيڄون ۽ سُک سارا، پيا پاپين مٿان پلٽي!
ڏٺئون ڪا مند ۽ موسم، نه برفاني نه باراني!
نه قؤلن تان هٽيا ڪامل، نه چاڙهيئون سچ سوريءَ تي،
سٺائون سور ۽ سختيون، سوين ذهني ۽ جسماني!
نه نميا نامور نيهي، نه ناحق تي مَٽيائون حق،
نسون نيزن ۾ وِچڙائي، ڪَيئون ننگن جي نگراني!
سِسِيون جيڪي نه سانڍيندا، سسيون سانگين تان گهوريندا،
انهن سورهيه سپوتن سان، اسان جي يار ياراني!
نه ڪنهن فرعون فاسد کان، فنا ٿيندا سي فولادي،
فنا کي ويا بقا ڏيئي، جيئن جُڳ جُڳ اهي جاني!
چوان ڇا همتون تن جو، هماليه کي هِلائي ويا،
پيا هرهڪ جي دل تي ڪن، هميشه لئي حُڪمراني!
ڏنئون جو لُوهه لوهن مان، ته لک لشڪر ويا لرزي،
ٽَڪر ٽينڪن سان کاڌائون، ٽُڪر ڪيئون زور زنداني!
ملايئون موت سان اکيون، ته ويو خود موت مُنهن ڦيري
وڏي مُنهن مُرڪيا مانجهي، ڦڪا ٿيا شوم شيطاني!
سريون سوريءَ لئي سينگاري، سڄڻ ٿي سرفراز آيا،
سچا ”سرويچ“ ٿيا ثابت، کٽيائون سوڀ سُلطاني!