قلندر پنهنجي نگريءَ ۾
قلندر پنهنجي نگريءَ ۾، وڏو ڪربل متل آهي.
سڄي هيءَ سنڌ ڌرتي ڄڻ، ته ڪو ٽامو تتل آهي.
پراون پاپين سان گڏ، هي پنهنجا رت پياڪو ٿيا،
جنهين جي قهر ڪاري کان، نه ڀاڳيو ڪو بتل آهي،
قلندر پنهنجي نگريءَ ۾، وڏو ڪربل متل آهي.
اڃا ميٽيو نه ڌڪ آهي، هُو احمد خان آصف جو،
ته تازو ئي وري هي تر، سڄو رت سان رتل آهي،
قلندر پنهنجي نگريءَ ۾، وڏو ڪربل متل آهي.
برهماڻين ۽ گوپانگن سان گڏوگڏ، ڀاڻ هاشم ۾،
اجهو هُو ڪالهه تازو ڏس! ته ٿيو ڪيڏو قتل آهي،
قلندر پنهنجي نگريءَ ۾، وڏو ڪربل متل آهي.
مٿن تي موڙ جن جي ۽، هٿن ۾ مهڪ مينديءَ جي،
انهن گهوٽن ڪنوارين جو، کڙهه تي سر کتل آهي،
قلندر پنهنجي نگريءَ ۾، وڏو ڪربل متل آهي.
وڏيرن، ميمبرن، چورن، وزيرن، نوڪرن جو سڀ،
سونهاريءَ سنڌ ڌرتيءَ جي، مٿان هاڃو هتل آهي،
قلندر پنهنجي نگريءَ ۾، وڏو ڪربل متل آهي.
گهرون ٿا خير جن جو ۽، ڪڙهون ٿا جن جي ڪرمن لئه،
انهن ”صالح سڀاڳن“ جو ته هي گهاڻو گهتل آهي،
قلندر پنهنجي نگريءَ ۾، وڏو ڪربل متل آهي.
اسان جي عام ماڻهن جي مٿان ليڊر تي ليڊر آ،
وڏن واڳن جي واتن ۾، ته هر وانگي وتل آهي،
قلندر پنهنجي نگريءَ ۾، وڏو ڪربل متل آهي.
ڏيون هي ڏوهه ڪنهن ڪنهن کي، ته هي قاتل يا هو قاتل،
مگر هن ڪوس پنهنجي ۾، گرو گَنجو گتل آهي،
قلندر پنهنجي نگريءَ ۾، وڏو ڪربل متل آهي.
سجاڳي ۽ سُڌارو سنڌ جو ”سرويچ“ ويجهو ناهه،
سڄي هيءَ قوم تعصب ۽ تفرقي ساڻ تل آهي،
قلندر پنهنجي نگري ۾، وڏو ڪربل متل آهي.