سري ديوي
مبارڪ زندگي تُنهنجي، هجي توکي سري ديوي.
تو جهڙي ايشيا ۾ ڪا، ڄمي مشڪل وري ديوي.
مٽي مدراس واري مان، مليئن تون مورتي اهڙي،
جهڪا تنهنجي اڳيان جوهر، جُهڪن ڪل جوهري ديوي،
سنديئي جسم کي جوڙيو، آ واحد واندڪائي ۾،
ڏسڻ سان هر ڏسندڙ جي، پوي ٿي دل ٺري ديوي،
توهان جي سونهن صورت ۾، سجن چنڊن جو سهڃاڻيون،
حُسن ۾ هنج هرڻ توسان، ڪندا ڇا همسري ديوي.
ٿيو تنهنجي اداڪاريءَ جو چرچو چؤطرف آهي،
لکن چاهيندڙن جي دل، ٿيو پئي ٿي چري ديوي.
ڪُنڍين ڪارين اکين سان تو ڪُٺو ڪوپن ڪنڌارن کي،
تون آهين حور جنت جي، يا آهين شاهه پري ديوي.
اشارن سان اَدائن سان، لڱن جي لچڪداريءَ سان،
لکن ناچاڪ دلين جي، ڪرين ٿي دلبري ديوي.
ٻڍن ٻارن جوانن کي، ڇڏيو جڪڙي تو جلون سان،
جڙيل تنهنجي ته جملن ۾، وڏي جادوگري ديوي.
فلڪ ۽ فرش کي آهي، فخر توتي اي فنڪاره،
ڏسان بحرن ۽ بستانن تي تنهنجي برتري ديوي.
سياست ۾ قدم تنهنجا، سعادت مند ٿي پوندا،
اهو پنڌ پيچرو پيشو، ته آ پيغمبري ديوي.
هئي جيئن هند ۾ اندرا، اسان وٽ بينظير آ جيئن،
ائين اونهن ۽ تانگهن مان، تون ترتئون اچ تري ديوي.
سياست علم اوکو آ، وڃن ٿا وير مل وڦلي،
سنڀالي وک کڻج پنهنجي، متان ٿيئن ويسري ديوي.
هتي سودا سسين جا ٿا، ٿين بي مهل بي موقعي،
هتي معراج ماڻڻ جي ته قيمت آ ڳري ديوي.
مگر جي عزم ارڏو آ، ته پو هاڙهه وڃن هٽڪيو،
هينئان هاٿين جا ڦاٽن ۽ پون ٿا ڍنگ ڍري ديوي.
اچي ڪر خلق جي خدمت، سڄي مخلوق ماندي آ،
ويا انسان تي آهن، وڏا ٻارڻ ٻري ديوي.
تون ماڻهن ۾ گهڻو مقبول آهين حوا جي ڌيءَ،
وڃن من عزم تنهنجي ساڻ هي دوزخ ٺري ديوي.
بُکيا توڙي ڏُکيا ڏٻرا، اُگهاڙا ۽ اگها ماڻهو،
انهن جي ڪر اچي عملن ڀلائي بهتري ديوي.
ٿين جيئن ايشيا اندر جمهوريت جون جَڙون پختيون،
ته پو جڳ جڳ پئي جيئنديئن، تون جنگاور جري ديوي.
نه جنهن جو ڪو نظير آهي، انهي سان هم صلاحي ٿي،
عوامي راڄ آڻڻ ۾، ڪريو ٻئي رهبري ديوي.
اسان جي ڪن اديبن ۽ ڪٽر قومي پُڄارين وٽ،
سندم هي شعر ڇپجڻ کانپوءِ، ويندي وٺ ٻَري ديوي.
سڏي ”سرويچ“ پيو توکي، ته سوڍي تون سجاول اچ،
مٺو مهراڻ جو پاڻي، پياريائين پري ديوي.
]ڀارت جي عظيم اداڪاره سري ديوي پاران سياست ۾ اچڻ جي اعلان تي آجيان طور لکيو ويو.[