ستر سٺ ڪروڙ وڏيرا
تنهنجي بيماري وئي کائي، ستر سٺ ڪروڙ وڏيرا،
ڪيڏو قومي زيان ڪيو تو، آهين ٻيڙي ٻوڙ وڏيرا.
پنهوارن جي پگهر جو هي، پئسو ڪنهن جي پيءُ جو ناهه،
عقل ڪريو ۽ اکيون کوليو، جاهل ڄٽ ڄٽوڙ وڏيرا.
ڪنهن کان هي اختيار مليا ٿئي، ڪنهن ته ڏني آ توکي ڪل،
جو هيئن اربين روپيه ويهي، پاڻي اندر ٻوڙ وڏيرا.
ڀاڻ جي ٻوريءَ تي جي وڪجن، ميمبر تن جي مرضي سان،
سڀني سنڌي ماڻهن جون تون، سسيون ڪيمَ مروڙ وڏيرا.
ڌارين دوکيبازن جي تون، دل جو داڻو راڻو آنهه،
پر روئڻو پوندءِ رت سگهوئي، روڳي روٽي ٽوڙ وڏيرا.
بدمعاشن سان ڀيچي بنجي، چال چنيسر واري ڇڏي،
دودن جي هن ڌرتيءَ کي تون، سنبن سان نه اُکوڙ وڏيرا.
جن سختيون سوريون جيل جنجهوڙي، ٻولي کي ٻلوان ڪيو،
سي ڪينسرن ۽ اَڌ رنگ اندر، تڙپن توڙا توڙ وڏيرا.
پيرن سيدن رئيسن کي، رت عام جو پياري پياري خوب،
دنبن گهيٽن کان به ڪيا ٿئي، ٿلها ۽ ٿنڀوڙ وڏيرا.
هونئن ته سنڌ جي گهر گهر اندر، اَگها منهنجا مارو کوڙ،
پر ڪئين دانا دانشور ڀي، ٿي ويا لاش ۽ لوڙ وڏيرا.
ڌارين دهشتگردن کي تو، ڌرتيءَ سان گڏ ڌن ڏنا،
باقي پنهنجن پيارن کي پيا، پيرن ۾ پنجوڙ وڏيرا.
ڀٽ ڌڻي جو خادم آهين، ڀونءَ به ڀيلائين پيو ان جي،
ڪيڏو قولن ڪوڙو آهين، مانگر مڇ مهوڙ وڏيرا.
پاپي ۽ پرمار مڙوئي، تنهنجا پَڳ مٽ يار ٿيا،
غدارن سان گڏجي غربا، تي نه ڪجي گجگوڙ وڏيرا.
توکان اڳ ۾ ڪهڙن جا هي، پُٽ ۽ پوٽا ڪونه بنيا،
اڄ ڪَ سڀاڻي تنهنجي ڀي هي، مُنهن تي ٻڌندا موڙ وڏيرا.
چورن جي تون چغلين تي ٿو، جن کي چپيئن چيڀاٽيئن،
سي سڀ گڏجي وجهندا تنهنجي، نڙگهوٽي ۾ نوڙ وڏيرا.
تون ۽ تُنهنجا ساٿاري سڀ، واڙيل هوندا واڙن ۾،
جيئڻ ڪارڻ جُو جُو ۾ آ، جهانگين جي جاکوڙ وڏيرا.
صدين کان جي سنڌ ۾ رهندڙ، سانگي جهانگي مارو مور،
لُچن جي للڪار تي تن جا، لوڙها ڪيمَ لتوڙ وڏيرا.
لُولا لنگڙا پوڙها پنگلا، پاڻ کڻائي پهچي ويا،
ڪيڏي ڍونگين پاتي آهي، ڍونڍ جي پويان ڊوڙ وڏيرا.
”سرويچ“ ”بخاري“ ”شيخ اياز“ ۽ ”باغي“( )بيمارين ۾ بند،
باقي پيرن پينوڙين لاءِ، کاڌا پيتا کوڙ وڏيرا.