سراپا احتجاج آهيان
سراپا احتجاج آهيان، سراسر انقلاب آهيان،
مان پنهنجي سنڌ ڌرتيءَ جي، حسابن جو ڪتاب آهيان.
ڪڙهان ٿو قوم ساريءَ لئه، سڙان سانگين سٻاجهن لئه،
وڙهڻ ۾ تنهنجي ويرين سان، نه ڏسندو ڏوهه ثواب آهيان.
وجهن جي ونگ وانگين کي، هڻن سنگهرون سنگهارن کي،
انهن لُچن لُٽيرن لئه، وڏو جنگي جواب آهيان.
پيو هر سنڌ واسيءَ جي، اُکوڙيان ننڊ اکڙين جي،
جو جاڳائي جُڳن تائين، اهو چنگ و رباب آهيان.
وٺڻ لئه حق هرهنڌان، ڀڀڙ ڀُون تي پيو ڀڙڪايان،
عداوت سنڌ سان جن جي، انهن جي لئه عذاب آهيان.
جڏهن جنگين جي پڙ اندر، لڳن ٿا گهاوَ گهوٽن کي،
وهي تن جي جو بُت مان رت، اهو گهرو گلاب آهيان.
هي منهنجا ليک سڀ آهن، لٺيون لوڙهيون ۽ للڪارون،
بُرن بَدخواه ماڻهن لئه، بکايل ڄڻ عُقاب آهيان.
چيا قومي ڪلام آهن، گڏوگڏ انقلابي پڻ،
عوامي شاعري اندر مان، اوچو آفتاب آهيان.
گهڻا نقال نڪ نِرجا، نسورو ڪن نقل مون تان،
انهن ڪم چور ڪوڙن کي ته، ڪندو بي نقاب آهيان.
سُهاڳڻ سنڌ جو سوڍو، سگهو ”سرويچ“ سوڀارو،
نه پيريءَ جو مٿم پاڇو، شباب ئي بس شباب آهيان.