شاعري

ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون

ھي ڪتاب سنڌ جي عوامي شاعر سرويچ سجاولي جي شاعريءَ جو مجموعو آھي. سرويچ سجاولي صاحب جو ھي مجموعو غزلن، نظمن، گيتن، وأين، ڪافين ۽ ڪجھھ محبوب شخصيتن کي ڏنل ڀيٽا وارن شعرن تي مشتمل آھي، جيڪي وقت بوقت سرويچ جي اندر مان اڀري اکرن جي صورت وٺي ڪورن ڪاڳرن تي ظاھر ٿيا. سرويچ سجاولي جي شاعري، سنڌ جي شعور جي علامت، قومي حقن لاءِ اُٿندڙ آواز ۽ طبقاتي ڦُرلُٽ جي خلاف احتجاج جو سگھارو آواز آھي. سندس شاعري ۾ نه رڳو پنھنجي وطن، پر ان جي پورھيتن، ڪمين ڪاسبين، ھارين، نارين، عورتن، ٻارن، ٻڍن، جي اھنجن، ايذائن ۽ سورن جي ڳالھ ڪيل آھي، پر انھن جو درمان به ڏسيل آھي. ۽ بي باڪي ۽ دليريءَ سان پنھنجي حقن کي ڇني وٺڻ جي واٽ به ڏسيل آھي. سرويچ جي شاعري فڪري حوالي سان قومپرست ترقي پسند ۽ جمهوريت پسند فڪر جي ترجماني آھي.
Title Cover of book ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون

ملاح توڙي شاهه ٻئي

ملاح توڙي شاهه ٻئي

ڇا مرتبو ماڻهن ۾ آهي، مولوي ملاح جو
۽ مان ذڪر ڪهڙو ڪريان، هيڏي وڏي جراح جو.

هو ٻئي وڏا عالم هئا، هو ٻئي وڏا شاعر هئا،
هو ٻئي سچا سالڪ هئا، هو مرد ٻئي ماهر هئا،
۽ عشق جي هر انگ کان، عاشق هئا آگاهه ٻئي،
ويا سنڌ کي موڙون ٻڌي، ملاح توڙي شاهه ٻئي.

ٿي شاهه چيو آ، الف بس، بي ٻي کي سمجهائيندو وت،
احمد چيو ٿڃ عشق جي، دائيءَ چيم ڌائيندو وت،
هو ويا وسيلي عشق جي، عاشق لنگهي اوڙاهه ٻئي،
ويا سنڌ کي موڙون ٻڌي، ملاح توڙي شاهه ٻئي.
ٿي هڪ چيو: سڪ ۾ سڄڻ جي، پئي پچان کامان کجان (شاهه)،
۽ ٻي چيو: سِرجڻ ڪنان ئي، ساهڙيون ڙي پئي سڪان (ملاح)،
ايئن سڪي سڪ ۾ ويا، ساجن تان گهوري ساهه ٻئي،
ويا سنڌ کي موڙون ٻڌي، ملاح توڙي شاهه ٻئي.

ٿي هڪ چيو: پيئي پسهه، پِريَن پسڻ لاءِ کڻان (شاهه)،
۽ ٻي چيو: مان هوت لئي، هاڙهي ۾ پيئي هٿ هڻان (ملاح)،
هو ٻئي نبيءَ جا معتقد، چوندا هئا الله ٻئي،
ويا سنڌ کي موڙون ٻڌي، ملاح توڙي شاهه ٻئي.

ٿي هڪ چيو: حُب يار جي، جيجل جي جهوليءَ ۾ لڳي (شاهه)،
۽ ٻئي چيو: لنئون عشق جي، مون کي تي، لوليءَ ۾ لڳي (ملاح)،
هو ٻئي وِرهه وَنگي وِڌا، هئا درد جا درياهه ٻئي،
ويا سنڌ کي موڙون ٻڌي، ملاح توڙي شاهه ٻئي.

ٿي هڪ چيو: بيتن اندر مون آيتون پائي ڇڏيون (شاهه)،
۽ ٻي چيو: مون آيتون، بيتن ۾ سڀ ڳائي ڇڏيون (ملاح)،
هو ويا لکي سنڌيءَ ۾ ڏس، ڪامل ڪلام الله ٻئي،
ويا سنڌ کي موڙون ٻڌي، ملاح توڙي شاهه ٻئي.

ٿي هڪ چيو: اکڙيون سندءِ، ميگهن ملهارن جيئن وسن (شاهه)،
۽ ٻي چيو: اکڙيون سندءِ، ڪُل خلق جا ٿيون خون ڪن (ملاح)
بس مان ته چوندس ”واهه واهه“ واهه ڙي هو واهه ٻئي،
ويا سنڌ کي موڙون ٻڌي، ملاح توڙي شاهه ٻئي.
ٿي هڪ چيو منهنجو نه جت سان، سڱ سياڪو ڳالهه ڳَت (شاهه)،
۽ ٻي چيو: رت، ڀت ۾، مونسان نه ڀائيوار جت (ملاح)،
هو پو به روئندي ويا، رڱي ڏس رت سان هيءَ راهه ٻئي،
ويا سنڌ کي موڙون ٻڌي، ملاح توڙي شاهه ٻئي.

ٿي هڪ چيو: ووڙيان وندر، ۽ ڏونگر کي ڏوريان (شاهه)،
۽ ٻي چيو: هي آڏ ترڇا آهڙا، سڀ ڀوريان (ملاح)،
هو محب ويا ماڻي ڏسو، مقصد ۽ منزل گاهه ٻئي،
ويا سنڌ کي موڙون ٻڌي، ملاح توڙي شاهه ٻئي.

ٿي هڪ چيو ڀالا هڻو ۽ ڀاڪرين پئجي وڃو (شاهه)،
۽ ٻي چيو: ڪَچ ڪوڙ جون، قبرون قبا ڀوري ڀڃو (ملاح)،
هو قهر واري ڪوٽ تي، ڪندا هئا ير ڪاهه ٻئي،
ويا سنڌ کي موڙون ٻڌي، ملاح توڙي شاهه ٻئي.

هو سنڌ تان صدقي ٿيڻ لئه، سر نه سانڍيندا هئا،
هو جابرن سان جنگ لئه، اوچي ڳچيءَ ايندا هئا،
گُڙندا هئا گَبرن مٿي، گوڙيون ڪري گجگاهه ٻئي،
ويا سنڌ کي موڙون ٻڌي، ملاح توڙي شاهه ٻئي.

ٿي هڪ چيو: هن سنڌ ۾، سانوڻ ۽ وسڪارا هجن (شاهه)،
۽ ٻي چيو: هن سنڌ جا، دشمن ته منهن ڪارا هجن (ملاح)،
هو ويا قلم جي نوڪ سان، لوڀين جا پٽي لاهه ٻئي،
ويا سنڌ کي موڙون ٻڌي، ملاح توڙي شاهه ٻئي.

هيءَ سنڌڙي مشڪل ڄڻي، اهڙا وري ”سرويچ“ پٽ،
جيڪي ته پائي ويا، هتي جي ڪَک پَنَ سان پيچ پٽ،
هو هئا سخن جي سر زمين جا، شاهه شاهنشاهه ٻئي،
ويا سنڌ کي موڙون ٻڌي، ملاح توڙي شاهه ٻئي.