شاعري

ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون

ھي ڪتاب سنڌ جي عوامي شاعر سرويچ سجاولي جي شاعريءَ جو مجموعو آھي. سرويچ سجاولي صاحب جو ھي مجموعو غزلن، نظمن، گيتن، وأين، ڪافين ۽ ڪجھھ محبوب شخصيتن کي ڏنل ڀيٽا وارن شعرن تي مشتمل آھي، جيڪي وقت بوقت سرويچ جي اندر مان اڀري اکرن جي صورت وٺي ڪورن ڪاڳرن تي ظاھر ٿيا. سرويچ سجاولي جي شاعري، سنڌ جي شعور جي علامت، قومي حقن لاءِ اُٿندڙ آواز ۽ طبقاتي ڦُرلُٽ جي خلاف احتجاج جو سگھارو آواز آھي. سندس شاعري ۾ نه رڳو پنھنجي وطن، پر ان جي پورھيتن، ڪمين ڪاسبين، ھارين، نارين، عورتن، ٻارن، ٻڍن، جي اھنجن، ايذائن ۽ سورن جي ڳالھ ڪيل آھي، پر انھن جو درمان به ڏسيل آھي. ۽ بي باڪي ۽ دليريءَ سان پنھنجي حقن کي ڇني وٺڻ جي واٽ به ڏسيل آھي. سرويچ جي شاعري فڪري حوالي سان قومپرست ترقي پسند ۽ جمهوريت پسند فڪر جي ترجماني آھي.
Title Cover of book ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون

ويڪو وڏيرن ڏانهن

ويڪو وڏيرن ڏانهن

وڏي واڪي چوان ٿو مان، هنن ويڪو وڏيرن کي،
نه للڪاريو، نه للڪاريو، اسان مردن مٿيرن کي.

اسين جرنيل جيلن ۾ به، چونداسين جيئي هاري،
اسين ڪَٽ مست قيدن ۾ به، چونداسين جيئي هاري،
اسين بيباڪ بندن ۾ به، چونداسين جيئي هاري،
اسين کارن سمنڊن ۾ به، چونداسين جيئي هاري،
اسين هر وقت چونداسين، لُٽيو لوڀين لُٽيرن کي،
وڏي واڪي چوان ٿو مان، هنن ويڪو وڏيرن کي،
نه للڪاريو، نه للڪاريو، اسان مردن مٿيرن کي.
اسان کي ڪاڻ ڪانهي ڪا، اُنهن قيدن ۽ ڪوٽن جي،
نه پرواهه پائيءَ جي آهي، ڪنهن اُلوءَ جي اَکوٽن جي،
نڪا مردار ميرن جي، نڪا ڪن پير پوٽن جي،
عمر جنگين ۽ جيلن ۾، گُذر گهوڙن ۽ گهوٽن جي،
ڪنديون ڇا جيل جون جهڙپون، اسان دودن دليرن کي،
وڏي واڪي چوان ٿو مان، هنن ويڪو وڏيرن کي،
نه للڪاريو، نه للڪاريو، اسان مردن مٿيرن کي.

نه پرواهه قيد ڪيٽيءَ جي، نه گوليءَ تير جي پرواهه،
اسان پورهيت پنوهارن کي، نه پاپيءَ پير جي پرواهه،
نڪا ڪا آهي هن ٽنڊائيءَ، مهڄڻ مير جي پرواهه،
نڪا ڪنهن رئيس رهزن جي، نه وزرا وير جي پرواهه،
اسين ڏاري ڇڏينداسين، ڏڦن سان تن ڏڦيرن کي،
وڏي واڪي چوان ٿو مان، هنن ويڪو وڏيرن کي،
نه للڪاريو، نه للڪاريو، اسان مردن مٿيرن کي.

ڪڏهن اَيوب جا چمچا، ڪڏهن يحيٰ جا پوڄاري،
ڪڏهن سي ليگ ۾ لوفر، ڪڏهن پي پيءَ جا پرچاري،
ڪڏهن سي نعپ ۾ ناچو، نچن جيئن ڪا نچي ناري،
ڌڪا در در مٿي کائن، پيا دلال درٻاري،
سُڃاڻو ٿا اسين تن جي، انهن ڦندن ۽ ڦيرن کي،
وڏي واڪي چوان ٿو مان، هنن ويڪو وڏيرن کي،
نه للڪاريو، نه للڪاريو، اسان مردن مٿيرن کي.

وٺي سڀ حق هارين جا، تِهان پو دم پٽينداسين،
لُچن لوڀين جي لاشن کي، لتون ڏيئي لٽينداسين،
پليتن پاپين جون پاڙ کان، پاڙون پٽينداسين،
وڏي پوءِ شان شوڪت سان، هتي شهپر وٽينداسين،
سٽينداسين انهن کي ايئن، سٽي جيئن باز ڳيرن کي،
وڏي واڪي چوان ٿو مان، هنن ويڪو وڏيرن کي،
نه للڪاريو، نه للڪاريو، اسان مردن مٿيرن کي.

ڪڏهن ڪنهن کي اَڙي ڪوڙهيا! نٿا پوريون بٽايون ڏيو،
ڪڏهن ڪمزور ڪڙمين کي، نه ڪمندن جون ڪٽايون ڏيو،
ڇتا ٿي پيا آهيو ڇا لئه؟ نٿا ڇالئه ڇٽايون ڏيو،
جي عزت سان جيئڻ چاهيو، ته ساري سڀ ڪمايون ڏيو،
جلائي نه ته ڇڏينداسين، ڍنگن ڍنگن جي ديرن کي،
وڏي واڪي چوان ٿو مان، هنن ويڪو وڏيرن کي،
نه للڪاريو، نه للڪاريو، اسان مردن مٿيرن کي.

لِڪو ڇا لاءِ ٿا لُوسي، وڃي ڪِن ڪن وزيرن وٽ،
لِڪو ڇا لاءِ ٿا لُوسي، وڃي ٽنڊي جي ميرن وٽ،
لِڪي لِڪندا ڀلا ڪيسين، اوهين پڳدار پيرن وٽ،
بچي بلڪل ڪڏهن سگهندا، نه سينيٽر سفيرن وٽ،
ڏهيسر ڏيهه ۾ آيا، وٺڻ وانگين جي ويرن کي،
وڏي واڪي چوان ٿو مان، هنن ويڪو وڏيرن کي،
نه للڪاريو، نه للڪاريو، اسان مردن مٿيرن کي.
کڻي هر هر ٿو هٿ پنهنجا، چوان هارين پيارن کي،
سڄي پوکي اوهان جي آ، چوان جيءَ جي جيارن کي،
نه ماسو ان جو ڪو ڏيو ڪڏهن موذين متارن کي،
هڻو ٿا نٿ نڪ ۾ جيئن، بَگن ڀورن ڀٽارن کي،
وجهو تيئن واجهه واڇن ۾، هنن وهٽن وڇيرن کي،
وڏي واڪي چوان ٿو مان، هنن ويڪو وڏيرن کي،
نه للڪاريو، نه للڪاريو، اسان مردن مٿيرن کي.

نه هاڻي ڪنهن وڏيري جو، ڪو بلڪل ڀئو ڪرڻ گُهرجي،
حقيقي جو حصو آهي، اُهو وڙهي وٺڻ گُهرجي،
ٻنين تي حق اوهان جو آ، اهو سمجهي ڇڏڻ گُهرجي،
ٻنين تان بيدخل ٿيجي، ٻُڏي تنهن کان مرڻ گُهرجي،
ٻڌايان ٿو اهو آئون، سندن ڀارن ڀَليرن کي،
وڏي واڪي چوان ٿو مان، هنن ويڪو وڏيرن کي،
نه للڪاريو، نه للڪاريو، اسان مردن مٿيرن کي.

ٻنين توڙي ونين تان ميان، سِريون ”سرويچ“ ٿي گهوريو،
ڪُڏي جو وچ ۾ پوئي، انهيءَ جي ڪنڌ کي ڪوريو،
ٻنيون ٻارا اسان جا هي، اهي بس چنگ پيا چوريو،
ٻنين ۾ محنتون ڪريو، ڏکيا ڏونگر سڀئي ڏوريو،
ته پوءِ هڪ ڇاڙڪي آهي، ڇپر سارو ڇُڳيرن کي،
وڏي واڪي چوان ٿو مان، هنن ويڪو وڏيرن کي،
نه للڪاريو، نه للڪاريو، اسان مردن مٿيرن کي.